پکي ۾ ساريالي فصل لهڻ شرط سوين خانه بدوش پهچي ويا

پکو (ن ع آ) اتر سنڌ ۾ ساريالي فصل لھڻ شرط ھر سال جيان ھيل به لاڙپٽ جا سوين خانه بدوش گداگر خاندان قمبر ضلعي جي مختلف شھرن ۾ پھچي ويا، سنڌ جي خشڪ سالي علائقن مان ڪيترائي خاندان قمبر ضلعي جي مختلف شھرن جي خالي ميدانن تي عارضي خيما ۽ تنبو لڳائي رھائش اختيار ڪري ڇڏي آھي، سير سفر لاءِّ نڪتل خانه بدوش سج اڀرڻ سان مرد توڙي عورتون ٻارڙن سميت سارين جي ديرن کان ويندي دوڪانن ۽ مختلف ڌنڌن تان خير خيرات وٺڻ ۾ مصروف ٿي ويندا آھن، خانه بدوش عورتون ماني ڳڀو وٺڻ لاءِ گھرن مان پني اچي پنھنجو ۽ خاندان جو پيٽ ڀرڻ لڳيون، گيڙو ويس ڍڪيل خانه بدوش علائقي ۾ ساريالي فصل جي ھجڻ تائين ترسندا آھن. ۽ جيئن ئي ساريال فصل کڄي ويندو ته ھو به ڪمايل ساريون ساڻ کڻي واپس ٿيندا آھن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.