ڪنڌڪوٽ ۾ ڳوٺاڻي جو زمين تي قبضي خلاف احتجاج

ڪنڌڪوٽ (ن ع آ) ڪنڌڪوٽ زمين تي قبضي خلاف ڳوٺاڻي جو احتجاج،ڪنڌڪوٽ ميڊيا سينٽر آڏو نهال الدين ڏاهاڻي احتجاج ڪندي داهنيو آهي ته بااثر وڏيرا انور ڏاهاڻي، نظير، منير ۽ شبير ڏاهاڻي منهنجي زمين تي قبضو ڪيون ويٺل آهي هن چيو ته ابن ڏاڏن کان وٺي زمين اسان جي آهي جيڪي بااثرن مختيار ڪار ۽ تپيدار رشوت وٺي کاتا تبديل ڪري ڇڏيا آهن متاثر ڳوٺاڻي داهيندي چيو ته زمين جي فصل تي ئي گذارو هو پر بااثرن زمين تي قبضو ڪري فاڪاڪشي تي مجبور ڪري ڇڏيو آهي هن چيو ته وس وارن جي در در تي وڃي وڃي ٿڪجي پيو آهي پر ڪوبه مدد ڪرڻ لاءِ تيار ناهي متاثر ڳوٺاڻي وس وارن ڊي سي ڪشمور ڪنڌڪوٽ،ايس ايس پي ڪشمور ڪنڌڪوٽ کان مطالبو ڪيو ته زمين تان قبضو ختم ڪرائي انصاف فراهم ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.