جونگل ۾نوناري برادري جي عورتن جو زمين تي قبضي خلاف احتجاج

جونگل (ن ع آ) جونگل ۾ نوناري برادري جي ٻارڙن ۽ عورتن مسمات نوران نوناري،صائبه نوناري ۽ سلمان نوناري زمين تي قبضي خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو احتجاج دوران هنن صحافين اڳيان دانهيندي چيو ته محمد اسماعيل نوناري اسان جي 35 جريب زمين تي قبضو ڪري اسان مٿان ڪوڙا ڪيس داخل ڪرايا آهن هنن جو وڌيڪ چوڻ هو ته اسان جو پڻ سي سيڪشن ٿاڻي تي ڪيس داخل ٿيل آهي جنهن بابت مخالف ڌر اسمائيل نوناري پئسن جي زور تي انڪوائري رکرائي اسان جي ڪيس کي لوڙهڻ چاهي ٿو. احتجاج دوران هنن آءِ جي سنڌ ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو ۽ ايس ايس پي جيڪب آباد کان مطالبو ڪندي چيو ته ڪيس کي ڪمزور ڪرڻ لاءِ رکيل انڪوائري ختم ڪرائي انصاف فراهم ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.