ٽنڊي آدم گرلس ڪاليج جا مسئلا حل ڪرائڻ جي خاطري

ٽنڊوآدم ( ت ر ) پ پ سينيٽر امام الدين شوقين  گرلس ڪاليج  پهتو ، پرنسپال پاران مسئلا پيش سينيٽر طرفان  ڪلاس رومز ۽ ڪاليج جي پلاٽ جي چوديواري سرڪاري فنڊ مان اڏاوت ڪرائڻ ۽ بس پنهنجي پاران ٺهرائي ڏيڻ جو اعلان رپورٽ موجب پ پ سينيٽر ۽ ائل اينڊ گئس ڊولپمينٽ ڪميٽي سانگهڙ جو چيئرمين امام الدين شوقين ميڊيا ۾ ڪاليج متعلق    خبرون اچڻ کان پوءِ گرلس ڪاليج پهتو جتي  ڪاليج جي پرنسپال ميڊم ڪلثوم ناريجو پ پ سينيٽر آڏو ڪاليج جي بلڊنگ جي خراب حالت ، ڪمرن جي کوٽ ، ڪاليج جي پلاٽ تي قبضي جي ڪوشش سميت ڪاليج جي پوائنٽ بس جي خراب حالت بابت آگاهي ڏني ان موقعي تي سينيٽر ملڪ امام الدين شوقين آ.ئل اينڊ گئس ڊولپمنٽ ڪميٽي جي فنڊز مان 5 نوان ڪلاس رومز ۽ ڪاليج جي چوديواري تعمير ڪرائڻ سميت بس جي مرمت پنهنجي طرفان ڪرائڻ جو اعلان ڪيو.ان موقعي تي هن چيو ته ٽنڊوآدم ڪاليج بابت ميڊيا ۾ خبرون ڏسي ڪاليج پهتو آهيان هن چيو ته نياڻين جي تعليم تي سنڌ حڪومت جو فوڪس آهي ۽ ٽنڊي آدم جي گرلس ڪاليج جا مسئلا ترجيحي بنيادن تي حل ڪيا ويندا هن چيو ته اڳ ۾ به آئل ايند گئس ڪميٽي جي فنڊ مان ڪاليج لاءِ آڊيٽوريم ڏنو ويو آهي ۽ ٻيا مسئلا به جلد حل ڪيا ويندا ۔

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.