ٻارن کي پوليو جا قطرا پيئاري ئي بچائي سگهجي ٿو: عبدالوحيد شيخ

ميرپورخاص (بيورورپورٽ) ڊويزنل ڪمشنر ميرپورخاص عبدالوحيد شيخ چيو آهي ته پوليو هڪ موزي مرض آهي جنهن کان ٻارن کي پوليو کان بچاءُ جا قطرا پيئاري ئي بچائي سگهجي ٿو ڪمشنر والدين کي پيغام ڏيندي چيو ته پنهنجي ٻارن کي سڄي عمر جي معزوري کان بچائڻ لاءِ هر مهم دوران پيدائش کان پنهنجن سالن  تائين جي  ٻارن کي  پوليو کان بچاءُ جا ڦڙا پيئاريا وڃن هن ڊپٽي ڪمشنر کي هدايت ڪندي چيوته ڪورونا وبا کان بچاءُ جي حوالي سان   ايس او پيز تي سختي سان عملدر آمد ڪرايو وڃي ڪنهن سان نا انصافي نه ٿيڻ گهرجي .اهڙن خيالن جو اظهار هن ڊپٽي ڪمشنر ميرپورخاص سلامت ميمڻ  کان  شروع ٿيندڙ  پوليو مهم ۽ ڪورونا وبا  کان بچاءُ جي حوالي سان  ورتل ڪوششن بابت گڏجاڻي ڪندي ڪيو.گڏجاڻي ۾ ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسر اسسٽنٽ ڪمشنرن سميت واسطيدار عملدارموجود هئا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.