جمال شاهه بيسڪ هيلٿ يونٽ ۾ پوليو جي حوالي سان گڏجاڻي ٿي

جمال شاھ ( ن ع آ ) پوليو مهم جي سلسلي ۾ هڪ اهم گڏجاڻي بيسڪ هيلٿ يونٽ اصغر آباد ۾ پوليو ڪمپين يونين ڪائونسل جمال شاھ جي سپر وائيزر ڊاڪٽر عبدالرزاق آرائين جي صدارت هيٺ ٿي گذري، جنھن ۾ ڊاڪٽر لياقت جمالي، هاءِ اسڪول اصغر آباد جي هيڊ ماستر عبدالحفيظ سولنگي، پرائمري اسڪول جي هيڊ ماستر ريحان شاھ، تپيدار محمد اسلم ڀٽي، يونين ڪائونسل جمال شاھ جي سيڪريٽري عطا محمد زرداري، رحمت الله زرداري، ليڊي هيلٿ ورڪرز پروگرام يونين ڪائونسل جمال شاھ جي سپر وائيزر شميم ڪيريو، ايريا انچارج پروين ديناري، نسيم لياقت ،نسيمان ڪيريو سميت علائقي واسين وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي،

ڊگهڙي اسپتال جو اڳوڻو ايم ايس لاڏاڻو ڪري ويو

ڊگهڙي( ن ع آ) تعلقي اسپتال ڊگھڙي جو ڳوڻو ايم ايس ڊاڪٽر صوفي نارائڻ داس لوهاڻو 51ورهين جي ڄمار ۾ حيدرآباد جي خانڳي اسپتال ۾ دم ڌڻي حوالي ڪيو فوتي ڊاڪٽر ڪافي عرصي کان ڪينسر جي مرض سان جهيڙي رهيو هو هن وقت تعلقي اسپتال ڊگهڙي جي ڊي ايم ايس جي عهدي تي هو سندس آخري رسمون ڊگهڙي ۾ ادا ڪيون ويون جنهن ۾ مختلف مڪتبه فڪر جي ماڻھن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، پاڻ ڊگهڙي ۾ هڪ مسيحا ٿي اڀريو جنهن عوام جي خدمت پنهنجو فرض سمجهي ڪندو رهيو سندس لاڏاڻي تي شهرين سياسي سماجي اڳواڻن گهري ڏک جو اظھار ڪيو ،پوئنرن ۾ هڪ بيواھ هڪ نياڻي ۽ ٻه پٽ سوڳوار ڇڏيا آهي.

نصير آباد ۾ ڪرڪيٽ ميچ، علي وارث ٽيم جي دلچسپ مقابلي بعد سوڀ

نصيرآباد (ن ع آ) هاءِ اسڪول گرائونڊ تي علي وارث ۽ جانباز اليون جي وچ ۾ ھڪ شاندار ڪٽ سرمني ميچ کيڏي وئي، جيڪا علي وارث دلچسپ مقابلي ۾ کٽي ٽرافي کثڻ جو اعزاز ماڻي ورتو. علي وارث ٽيم جي ڪپتان جاني پاران  ٽاس کٽي پهريان بئٽنگ  جو فيصلو ڪيو، علي وارث اليون ٽيم 10 اوورن ۽ 10 وڪيٽن جي نقصان تي 137 رنسون ٺاهيون، ميچ ۾ سٺي پرفارمنس ڏيڻ تي سائين توثيق احمد کي ميچ جو هيرو قرار ڏيڻ سان گڏ و گڏ کوڙ سارا انعام ڏنا ويا.جڏنھن تـ علي وارث اليون جي ڪپتان جاني کي مئچ کٽڻ تي ٽرافي ۽ ڪيش انعام پڻ ڏنو ويو

مٽياري شگر مل مقامي نوجوانن کي روزگار ڏئي رهي آهي: جي ايم اڪبر شاهه

مٽياري (ڊ ر) مٽياري شگر مل جي جنرل مئنيجر سيد جنيد اڪبر شاھ جو چوڻ آهي ته مٽياري شگر مل علائقي جي بيروزگارن جي روزگار جو وسيلو بڻيل آهي ھن چيو ته ڪمند پوکڻ سان آبادگارن کي ٻڌو پئسو ملي ٿو جنھن سان آبادگارن کي فائدو ملي ٿو شگر مل سبب ھتان جا ھزارين نوجوان مختلف طریقن سان روزگار ڪري پنهنجي ٻچن جو پيٽ پاري رهيا آهن جڏهن ته شگر مل سان لاڳاپيل ٻيا به ڪيترائي منصوبا آهن جن ۾ پڻ مقامي ماڻهو روزگار سان لڳي ويا آهن. هن چيو ته سردار سيد ذوالفقار علي شاه ڄاموٽ ۽ شوگر ملز مٽياري جو مينيجنگ ڊائريڪٽر سيد شفقت علي شاه ڄاموٽ بغير ڪنهن اقتدار جي پنهنجي علائقي جي ترقي لاء جاکوڙ ڪئي آهي هن چيو ته ڄاموٽ خاندان اڃا به هتان جي ماڻهن لاء گهڻو ڪجه ڪرڻ جو ارادو رکي ٿو ان عمل سان وڌيڪ ماڻهن کي روزگار ملي سگھندو .

حيدرآباد ۾ اڏيري لال جي جيالي جو قيادت خلاف احتجاج

حيدرآباد (رپورٽر) اڏيرو لال اسٽيشن جي رهواسي جهوني جيالي گوو عرف اشوڪ چند پارٽي قيادت پاران مسلسل نظرانداز ڪرڻ ۽ سندس اولاد کي نوڪريون نه ڏيڻ خلاف حيدرآباد پريس ڪلب سامهون احتجاج ڪندي چيو ته پ پ جو بنيادي ڪارڪن آهيان ۽ هر ڏکئي دور ۾ پارٽي سان گڏ رهيو آهيان. هن بلاول ڀٽو زرداري کي اپيل ڪئي ته سندس پٽن کي روزگار ڏئي مون سچي جيالي سان انصاف ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ منهنجو احتجاج جاري رهندو.17

سڀني کي گڏجي عوامي مسئلا حل ڪرڻا آهن: مولانا محمد اسعد ٿانوي

سکر (رپورٽر) جامعه اشرفيه سکر جي صدر مذهبي اسڪالر مولانا محمد اسعد ٿانوي چيو آهي ته موجودا دور ۾ گھٽ وسيلن باوجود سرڪاري آفيسر جھڙي انداز سان ڪم ڪن ٿا. انهن جو مثال نٿو ملي، مذهبي تنظيمن جي اڳواڻن کي پيش ايندڙ مسئلن جي حل لاءِ سرڪاري عملدارن کي وڌيڪ ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي. هن اهڙيون ڳالهيون اسسٽنٽ ڪمشنر ڳڙهي ياسين مصور بجاراڻي سان ملاقات دوران ڳالهائيندي ڪيون، ملاقات دوران انجنيئر فيصل ٿانوي پڻ موجود هو. مولانا اسعد ٿانوي چيو ته سنڌ ۾ قابل آفيسرن جي ڪوششن سان عوام جا مسئلا حل ڪيا پيا وڃن. اسان سڀني کي ملي ڪري عوام جا مسئلا حل ڪرڻا آهن. جنهن تي اسسٽنٽ ڪمشنر ڳڙهي ياسين چيو ته عوام جي مسئلن جي حل لاءِ هر ممڪن قدم کنيا ويندا.

ڪنڊياري جي شر برادري جو چڱو مڙس حيدآباد جي اسپتال ۾ فوت

ڪنڊياري (ن ع آ) شر برادري راڄ جو نيڪ مڙد حاجي لاکو خان شر فالج جي اٽيڪ سبب حيدرآباد جي نجي اسپتال ۾ انتقال ڪري ويو مرحوم حاجي لاکو شر جي جنازا نماز ڳوٺ گاجن خان وساڻ ۾ ادا ڪئي وئي جنهن ۾ حاجي منظور علي وساڻ شاهجهان منظور وساڻ اورنگزيب منظور وساڻ عبدالرزاق وساڻ  مولابخش بروهي قربان مگسي مولانا سائين صيف الله بروهي عرس ڪنڀر صدر چانڊيو نوروز بروهي  جي آر چانڊيو  معشوق علي شاهنواز مگسي علي وساڻ آصف شاهنواز ۽ مٽن مائٽن شر برادر جي نيڪ مڙدن سوين ڳوٺاڻن ڪنڊياري شھرين سياسي سماجي شخصيتن جي شرڪت هر اک آلي سوڳوار اکين  سان مرحوم کي تلاشاه قبرستان ۾ تدفين ڪئي وئي.

سنڌ يونيورسٽي ڪئمپس لاڙڪاڻي ۾ قرت العين گوپانگ جي مان ۾ الوداعي تقريب

لاڙڪاڻو(ڊ ر) سنڌ يونيورسٽي ڪئمپس لاڙڪاڻو ۾ ڪمپيوٽر سائنس بئچ ڪي 192 طرفان قرت العين گوپانگ جي مان ۾ الوداعي تقريب منعقد ڪري کيس ڀيٽا پيش ڪئي وئي،  پي وي سي پروفيسر ڊاڪٽر اظهر علي شاهه جي صدارت هيٺ ٿيل تقريب ۾ شاگردن ۽ شاگردياڻين شاعري، تقريرن ۽ ٽيبلوز ذريعي مس قرت العين گوپانگ کي ڀيٽا پيش ڪئي. ان دوران مس قرت العين گوپانگ کي بهترين ڪارڪردگي تي مڃتا طور شيلڊ ڏني وئي. ان موقعي تي پي وي سي پروفيسر ڊاڪٽر اظهر علي شاهه خطاب ڪندي چيو ته ايس يو سي ايل ڏينهنو ڏينهن شاگردن جي ڀلائي اهم قدم کڻي آهي، سي ايس ايس جي تياري لاءِ هلندڙ مفت ڪوچنگ ڪلاسز ان جو واضح ثبوت آهن. آخر ۾ آرگنائيزرن ردا ابڙو، فاطمه محمد، رابيل ڀٽي، عاطف سمون، عبدالفتاح اوڍو، ارن ڪمار، انيس ڏوتيو، عبدالرزاق کهاوڙ سوڌو 2k19 جي سموري بئچ طرفان پي وي سي اظهر علي شاهه، آصف علي جمالي، مس قرت العين بلوچ سان گڏجي ڪيڪ پڻ ڪاٽيو ويو.. تقريب دوران فاطمه محمد ۽ عبدالمالڪ ڀٽو ڪمپيئرنگ جا فرض سرانجام ڏنا، ان دوران علي سجاد ابڙو، محمد سلمان، ردا ابڙو، ڪوثر النهار پنهنجي سريلي آواز ذريعي تقريب ۾ چار چنڊ لڳائي ڇڏيا، مس قرت العين گوپانگ جي ڪارڪردگي کي ساراهائيندي کيس زبردست ڀيٽا پيش ڪري مڃتا ايوارڊ ۽ اجرڪ پيش ڪيو ويو، فيصل چانڊيو شاعري ذريعي ڀيٽا ڏني.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.