شهدادپور ۾ ڳوٺاڻن جو بااثرن خلاف احتجاج

شھدادپور (ن ع آ) جوابدارن جي غنڊه گردي بند ڪرائي سندن خلاف ڪاروائي ڪري اسان کي تحفظ  فراهم ڪيووڃي اهڙو اظھار ڳوٺ فضل تلهاڻي واسين حاجي رمضان تلهاڻي حاجي تلهاڻي دودو خان تلهاڻي عظيم تلهاڻي اسلم تلهاڻي عظيم تلهاڻي ۽ ٻين احتجاج ڪندي ڪيو. هنن چيوته منو ڀنڀرو جاپٽ حاجي ڀنڀرو سدورو ڀنڀرو ۽ ٻين اسان جي زندگي زهر ڪري ڇڏي ڪڏھن اسان زرعي زمين جا ڪلاسي ٻنا ڊاهي تنگ ڪيو وڃي ته ڪڏھن اسان گهرن تي چڙھايون غريب مسڪين ڳوٺاڻن کي مارڪٽ ڪن ٿان هنن چيوته گذريل رات هنن ڳوٺ مٿان فائرنگ ڪري اسان گهرن جي لوڙن ساڙي فائرنگ ڪندا فرار ٿي ويا .هنن چيوته اسان لوڙهي باه ڏيڻ اسان جي مٿان فائرنگ جو ڪيس داخل ڪرايو آھي هنن ته چيو ته اسين پرامن ڳوٺاڻان آھيون اسان سان انصاف ڪري ملوث حملا ڪندڙ ڀنڀرا برادي جي ماڻھن بنادير ڪاروائي ڪري تحفظ فراهم ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ اسين ڀرپور احتجاج ڪنداسين.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.