ٺٽي ۾ 13 سئو پوليس اهلڪارن مان 3 سيڪڙو ڪاري ڪامڻ ۾ ورتل

ٺٽو(ڊ ر)ٺٽي ضلعي جي 13 سئو پوليس جوانن ۾ 3 سيڪڙو جوان ڪاري ڪامڻ جهڙي بيماري ۾ مُبتلا هجڻ ۽ 10 کان 25 سيڪڙو نوجوان هاءِ بِلڊ پريشر ۽ شُگر جي مرضن ۾ مبتلا هجڻ جو انڪشاف سامهون آيو آهي، ان سلسلي ۾ ٺٽو پوليس انتظاميه پاران روٽري ڪلب مڪلي جي سهڪار سان پوليس لائين مڪلي ۾ قائم ڪيل طبي اسڪريننگ ڪئمپ جي پُڄاڻي تي لاڳاپيل ڊاڪٽرن ۽ ليبارٽري انتظاميه رپورٽ جاري ڪري ڇڏي آهي، جنهن مُطابق 13 سئو پوليس جوانن جي مختلف ٽيسٽون ڪرايون ويون، جنهن ۾ 3 سيڪڙو جوان هيپاٽائٽس بي ۽ سي ۾ مبتلا هجڻ، 10 سيڪڙو پوليس جا جوان شگر جا مريض هجڻ ۽ 25 سيڪڙو جوان هاء بلڊ پريشر جا مريض هجڻ جي تصديق ڪئي ويئي. ان سلسلي ۾ ايس ايس پي ٺٽو ڊاڪٽر عمران خان سرٽيفڪيٽ ورهائڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي چيو آهي ته، پوليس انتهائي اهم شعبو هجي ٿو، ان موقعي تي روٽري ڪلب ٺٽي جو صدر امير حمزو ميمڻ، انجنيئر طاهر ميمڻ، فيصل ستار مُڀائي، ڊاڪٽر آصف اقبال قاضي، ڊاڪٽر عمران احمد ۽ ٻين پڻ پنهنجي خيالن جو اظهار ڪيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.