الهڏني ساند ۾ صحت لاءِ هاڃيڪار تيل جي تياري

مسوڀرڳڙي (ن ع آ)مسو ڀرڳڙي لڳ الھڏنو ساند شھر ۾ مئل ۽ ذبح ٿيل ڪڪڙين جي کنڀن ۽ باقيات مان تيار ڪيل تيل جو وڪرو سرعام وڪرو ٿي رهيو آهي. ھي کاڌي جو تيل ڄاڻيل کليل ڪوڪنگ آئل ڊارسن ذريعي ڪراچي ۽ حيدرآباد مان آندو وڃي ٿو ۽ الھڏنو ساند ، ٽنڊوڄام ، شاھپوردرپور ، پليجاڻي ، نصرپور ، توڙي آسپاس جي ٻين ننڍن وڏن ڳوٺن ۾  سپلائي جاري آھي. ذريعن کان مليل ڄاڻ مطابق ھي تيل مئل ۽ ذبح ٿيل ڪڪڙين جي کنڀن ۽ باقيات مان تيار ڪيو وڃي ٿو جيڪو انساني صحت لاء نھايت ھاڃيڪار آھي. ساڃاھ وندن ڊپٽي ڪمشنر حيدرآباد ۽ صحت جي صوبائي وزير کان مطالبو ڪيو آھي ته معاملي جو نوٽيس ورتو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.