مورو-ڏيپارجا روڊ نه ٺهيو، رهواسي سراپا احتجاج

مورو ( رپورٽ : شاھنواز ڀٽي ) ڏيپارجا لنڪ روڊ سالن کان ن ٺھيو،ڏيپارجا شھر جا شھري ۽ ڳوٺاڻا مسلسل سراپا احتجاج بڻيل،ڏيپارجا لنڪ روڊ روڪ ن ٺھڻ خلاف اڄ ٽئين ڏينھن ب سياسي،سماجي،ڌرين جو احتجاج،تعلقا مورو بار جي وڪيلن طرفان بک ھڙتال تي شرڪت ڪري احتجاج جي حمايت ڪئي،بک ھڙتال تي ويٺلن وٽ پلي ڪارڊ ھئا،بک ھڙتال تي ويٺل وڪيل اڳواڻن،غلام مصطفا ڇڄڙو،عبدالڪريم عباسي،غلام رسول ڀنگر،اڪبر سنگراھ،سيد محمد شاھ،جسقم کي شاھنواز سنڌي،۽ ٻين  ميڊيا کي ٻڌايو ت ڏيپارجا لنڪ روڊ جو ٽي دفعا ٽينڊر منظور ٿيو آھي،گر ھن مھل تائين روڊ ناھي ٺھيو،روڊ جا پيسا موجود ھجڻ باوجود ب نٿو ٺھي،ھنن مبينا الزام ھڻندي چيو ت پراونشل انجينيئر ۽ ٺيڪيدار ملي ڀڳت ڪري روڊ جا آيل پيسا ڳڙڪائڻ چاھين ٿا،چونڊيل نمائندن جي ڪن تي جوئين نٿي چري،وونٽ وٺڻ بعد وري ڀيرو ناھي ھنيو،روڊ زبون ھجڻ ڪري سخت تڪليفن ۾ آھيون،اڄ ٽيون آھي مسلسل روڊن تي ٻاڪاري رھيون آھيون،ڪوب آواز ٻڌڻ لائي تيار ناھي داد رسي نٿي ٿئي ھنن سنڌ حڪومت،روينيو واري صوبائي وزير ۽ ٻين اعلا اختيارين کان مطالبو ڪيو ت ڏيپارجا لنڪ روڊ جو ڪم شروع ڪيو وڃي ته جيئن رھواسين جي بيچيني ختم ڪئي وڃي ن ت ٻئي صورت ۾ احتجاج کي وڌيڪ تيز ڪيو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.