الخدمت فائونڊيشن پاران تربيتي ورڪشاپ

لاهور (پ ر ) الخدمت فائونڊيشن جي انتظام هيٺ ڪيريئر ڪونسلنگ اينڊ گائيڊنس ڊولپمينٽ جي عنوان هيٺ 2 ڏينهن وارو ورڪشاپ ٿيو، جنهن ۾ خطاب ڪندي ڊاڪٽر مشتاق مانگٽ چيوته الخدمت فائونڊيشن سماج جي ترقي ۽ تعمير لاءِ انتهائي اثرائتو ۽ موثر ڪردار ادا ڪري رهيا آهن، جيڪا ڳالهه قابل تحسين ۽ قابل ستائش آهي. هن وڌيڪ چيو ته هن قسم جي ورڪشاپن سان اسٽآف جي پيشوراڻي ڪم ۽ اهليت ۾ اضافو ٿيندو، جنهن سان پڻ فائدو رسندو. ان موقعي تي سيد احسان الله وقاص، شاهد اقبال، احمد جميل راشد، خبيب بلال ۽ ٻين به شرڪت ڪئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.