نوابشاهه ۾ پيرسن عورتن جو زمين تي قبضي خلاف احتجاج

نوابشاهه (ڊ ر) تعلقي فيض گنج جي ڳوٺ حاجي تاج محمد راڄپر جي رھواسڻ پيرسن عورت مسمات حسينه زال محمد انور راڄپر پنھنجي سڳن ڀائرن پاران زمين تي قبضي ڪرڻ خلاف نوابشاهه پريس ڪلب ٻاھران احتجاجي مظاهرو ڪندي دانھيون آھي ته مان پنھنجي ڀائرن کان پنھنجي حصي جي زمين گھران ٿي ته منھنجا ڀائر ھيلٿ آفيسر نوابشاهه الله بخش راڄپر، پڊعيدن ٿاڻي جو وڏو منشي ممتاز راڄپر ۽ رياض راڄپر مونکي منھنجو حق نٿا ڏين، ھن چيو ته يوسي امن آفيس جو ڪلرڪ عالم جانوري جيڪو منھنجي ڀاءُ ممتاز راڄپر جي چوڻ تي فوتي سرٽيفڪيٽ نٿو ٺاھي ڏئي ۽ منھنجو ڀاءُ ھيلٿ آفيسر الله بخش راڄپر زمين جو کاتو ٺھرائڻ ۾ رڪاوٽ بڻيل آهي.، ھن پ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، وزير اعليٰ سنڌ، فريال ٽالپر ۽ ٻين وس وارن کان مطالبو ڪيو ته مونکي پنهنجي حصي جي زمين ڏياري ان جو کاتو ٺھرائي ڏنو وڃي ۽ جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪري مونسان انصاف ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.