گهوٽڪي ۾پورهيت جو فراڊ ڪندڙن خلاف احتجاج

گهوٽڪي(ڊ ر) گهوٽڪي ۾ رحمون واري پاڙي جي رهواسي جو ٻئي ڏينهن به احتجاج، فراڊ ڪندڙن تي ڌمڪيون ڏيڻ جو الزام، خبرن  موجب گهوٽڪي جي علائقي رحمون واري واسي پورهيت شاهد حسين ولد الهرکيو ملڪ ٻئي ڏينهن به پريس ڪلب پهچي احتجاج ڪيو، ان موقعي تي هن دانهيو ته ديهه اوڍر والي جي سروي نمبر 493 ۽ 60 ۾ واقع مون پنهنجي 17 ويسا زمين جو بروڪرن نبي بخش چاچڙ، پرويز ڀٽو ۽ اقبال ڀٽو معرفت سجاد علي چاچڙ سان 55 لکن ۾ سودو ڪيو هو، جنهن مان 7 لک روپيه موقعي تي مونکي ڏنا ويا پر رهيل رقم مقرر وقت گذرڻ باوجود به نٿي ڏني وڃي، هن چيو ته سجاد علي چاچڙ سان ڪيل معاهدي جو مدو به ختم ٿي ويو آھي، پر پوء به زمين جا پئسا نٿا ڏنا وڃن،  هن وڌيڪ دانهيندي چيو ته زمين جا پئسا گهرڻ ويس ته ڄاڻايل ماڻهن پئسا ڏيڻ بدران مون تي تشدد ڪري زبردستي معاهدي واري اسٽامپ پيپپر تي آڱوٺا هڻائڻ جي ڪوشش ڪئي، جتان آء پاڻ ڇڏائي ڀڄي نڪتس، هاڻي مونکي موتمار ڌمڪيون ڏئي زمين تي قبضو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، هن وس وارن کي نوٽيس وٺي انصاف فراهم ڪرڻ جي اپيل ڪئي آھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.