ڪورنگي ۾ پورهيتن جو ڪمپني خلاف احتجاج

ڪورنگي (پ ر) ڊينم ڪلاٿنگ ڪمپني جي انتظاميا پاران ھڪ ڀيرو ٻيھر مزدور دشمن عمل جاري، مزدورن کي بغير شوڪاز  نوٽيس جي نيڪالي ڏيڻ، جبري طور ڊبل اوور ٽائيم ڊيوٽي وٺڻ، ايڊمن پاران مزدورن کي ڌمڪيون ڏيڻ وارن ڪُڌن، غير قانوني ۽ مزدور دشمن عملن خلاف ڪلھ ڊينم ڪلاٿنگ ڪمپني ڊي سي 4 اندر سمورن پورھيتن پُرامن احتجاج رڪارڊ ڪرايو، ان موقعي تي سنڌ سجاڳي مزدور فيڊريشن جي ڊپٽي چيف آرگنائيزر ۽ ڊينم ڪمپني جي ملازم ھمت ڦلپوٽي ۽ پورھيت اجمل احتجاج دوران ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته ڊينم ڪمپني انتظاميا مزدور دشمني تي لھي آئي آھي، اسان کي ميڊيڪل الائونس، ايجوڪيشن الائونس، ڏيڻ تہ پري جي ڳالھ پر بغير جواز ۽ بغير شوڪاز نوٽيس جي مزدورن کي نيڪالي ڏني پئي وڃي ۽ مزدورن کان زبردستي ڊبل اوور ٽائيم ورتو پيو وڇي.  ۽ جيڪڏھن ڪو مزدور ڊبل اوور ٽائيم نہ ٿو ڪري يا پنھنجن جائز ۽ قانوني حقن جي ڳالھ ڪري ٿو تہ انھن کي گرفتار ڪرائڻ ۽ نوڪري مان ڪڍڻ جون ڌمڪيون ٿيون ڏنيون وڃن، اسان انتظاميا جي اھڙي ڪُڌي ۽ مزدور دشمن عملن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي مزدورن سان نصاف ڪرڻ جو مطالبو ڪريون ٿا. سنڌ سجاڳي مزدور فيڊريشن جي چيف آرگنائيزر ياسين جھلڻ، ڊپٽي چيف آرگنائيزر ھمت ڦلپوٽي ۽ ٻين عھديدارن پنھنجي گڏيل بيان ۾ اھو چيو آھي ته جيڪڏھن ڊينم ڪلوٿنگ ڪمپني مزدور دشمن عمل ڪرڻ بند نه ڪيا ۽ مزدورن کي حق نه ڏنا ويا ته پوءِ سنڌ سجاڳي مزدور فيڊريشن پاران ڪمپني خلاف سخت احتجاج ڪرڻ سان گڏ ليبر ڪورٽ ۽ سنڌ ھاءِ ڪورٽ ۾ پٽيشن داخل ڪرائي ويندي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.