سکر ۾ڪورونا ايس او پيز مڪمل نظرانداز، وائرس وڌڻ جو خدشو

سکر (رپورٽ:اظهر علي دايو) ملڪ ۾ ڪورونا وائرس جي ڦهلجڻ کانپوءِ حڪومت پاران لاڳو ڪيل سماجي مفاصلن واري فيصلي  کي سکر جي انتظاميا ٿڏي ڇڏيو آهي، شهر جي سمورين بازارن ۽ رش واري جڳهن تي سماجي مفاصلو نه هجڻ سبب ڪورونا وائرس جي ڦهلجڻ جو خدشو وڌي ويو آهي. سکر شهر جي گليمر سينٽر موبائل مارڪيٽ ۾ سڄو ڏينهن ماڻهن جو رش هجڻ سبب ڪورونا وائرس جي ڪيسن ۾ اضافي جو خدشو وڌي ويو آهي. اڪثر دڪاندار توڙي ايندڙ گاهڪ پڻ سماجي مفاصلي تي عمل ناهن ڪري رهيا. سکر ضلعي انتظاميا پاران ڪورونا وائرس کان بچاءُ لاءِ ماسڪ لازمي پائڻ واري فيصلي باوجود ماسڪ پائڻ واري فيصلي تي عمل ناهي ٿي رهيو. شهر جي چوڪن، چوراهن، بازارن ۾ مقرر ٿيل پوليس اهلڪار پڻ بغير ماسڪ ۽ سماجي مفاصلي جي نظر اچن ٿا. ان ڏس ۾ شهرين جو چوڻ آهي ته انتظاميا پاران ڪورونا وائرس کي عام مرض سمجھڻ سبب ايس او پيز تي عمل ناهي ٿي رهيو. جنهن سبب بغير ڪنهن حفاظتي اپائن جي ڪار وهنوار هلي رهيو آهي. هنن مطالبو ڪيو ته شهر ۾ ڪورونا وائرس کان بچاءُ لاءِ ايس او پيز تي عمل ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.