اوٻاوڙي لڳ معذور نوجوان جي زندگي درد جو داستان

اوٻاوڙو (ن ع آ ) اوٻاوڙو لڳ ڳوٺ محمد مراد سميجو جو رهواسي تعليم يافتا نوجوان عبدالنبي سميجو جيڪو ننڍ پڻ کان پوليو جهڙي  موذي مرض ۾ مبتلا هجڻ ڪري معذوري واري زندگي گذاري رهيو آهي ۽ گھمڻ کان ڦرڻ کان پڻ لاچار آهي ۽ جيڪو بيروزگاري سبب فاڪا ڪشي جي زندگي گذاري رهيو آهي ان سلسلي ۾ معذور نوجوان عبدالنبي سميجو جو چوڻ آهي ته منهنجو پيءُ ۽ ماءُ منهنجو سهارو هيا جيڪي هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويا آهن جنهن کان پوءِ آئون اڪيلو گهر جو وڏو فرد آهيان ۽ آئون به ننڍ پڻ کان پوليو سبب معذور آهيان ۽ ننڍن ڀائرن ڀينرن جي سٺي تعليم ۽ گهر جو گذر سفر ڪرڻ لاءِ سخت پريشانين کي منهن ڏئي رهيو آهيان ۽ بي روزگاري ڪري فاڪا ڪشي واري زندگي گذارڻ تي مجبور ٿي ويو آهيان . هن وڌيڪ چيو ته مان پاڪستان ويل چيئر ڪرڪيٽ ٽيم جو رانديگر آهيان ڪافي ميچن ۾ سٺي ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندي ٽيم کي فتح ڏياري پنهنجي ملڪ جو نالو روشن ڪيو آهي پر افسوس سان چوڻو ٿو پئي ته ڪافي ڀيرا سرڪاري نوڪري لاءِ اپلائي ڪيو آهي پر هن مهل تائين حڪومت معذور ڪوٽا تحت ڪا نوڪري نه ڏني آهي هاڻي مان وزير اعظم عمران خان، وزير اعلي سنڌ سيد مراد علي شاھ ۽ ٻين اعلي اختيارين کان مطالبو ڪيان ٿو معذور ڪوٽا تحت مون کي نوڪري ڏني وڃي جيئن مان فاڪا ڪشي واري زندگي گذارڻ کان بچي سگھان ۽ پنهنجي گهر جو گذر سفر سٺي ريت هلائي سک جو ساھ کڻي سگھان..

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.