”هارين سان انصاف ڪيو“ داد لغاري ۾ زرعي ڊيلرن خلاف احتجاج

داد لغاري (ن ع آ) ضلعي گھوٽڪي ۾ زراعت کي ڪاپاري ڌڪ رسڻ سبب سنڌ ھاري ايڪشن ڪاميٽي جي سڏ تي داد لغاري ۾  احتجاجي ريلي ڪڍي وئي وئي داد لغاري لوھي پل کيروھي غازيڌڙي سميت مختلف علائقن مان آبادگارن پريس ڪلب پھچي ضلعي انتظاميه ۽ زرعي ڊيلرن خلاف احتجاج ڪندي سخت نعريبازي پڻ ڪئي ۽ ضلعي اندر فصلن کي نقصان ٿيڻ جو ذميوار ضلعي انتظامه کي قرار ڏنو ويو احتجاج ڪندڙ اڳواڻن ڪامريڊ بادل ملڪ، عبدالستار گھوٽو، لطف ميان شر، عبدالحق کٽياڻ، اڪرم ميتلو، سرور ڪلھوڙو، ڪامريڊ ڪٽو شر، ڪامريڊ اشوڪ بيڪس، ڀڳوانداس مارواڙي، ڪمال شر ۽ ٻين چيو ته ضلعي گھوٽڪي جي اڍائي لک ايڪڙن تي پوکيل ڪپھ جي فصل کي غير معياري ٻج ۽ ڀاڻ ملڻ سبب ڪاپاري ڌڪ رسيو ۽ في مڻ ھڪ مڻ تائين اوست ڏني ۽ ان تي لکين رپيا خرچ ڪيو ويو.  ۽ گھوٽڪي ضلعي جي سمورن شھرن ۾ غير رجسٽرڊ دوائون ۽ ٻج وڪرو ڪيا ويا پر مقامي آفيسرن جي ملي ڀڳت سان انھن خلاف ڪا ڪاروائي نه ٿي سگھي ۽ ان جو نقصان غريب ھارين برداشت ڪيو آبادگارن مطالبو ڪندي چيو ته ڪپھ جي فصل بعد ڪڻڪ کي نقصان کان پچايو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.