ميرپور ماٿيلي لڳ اغوا ٿيل ناري بازياب نه ٿي، وارثن جو مظاهرو

ميرپور ماٿيلو ( ن ع آ ) ميرپور ماٿيلو ويجهو ڳوٺ فضل ٿهيم مان ٻه مهينا اڳ اغوا ٿيل ناري ذوليخان ڌي الله ڏتو ڇڄڻ بازياب  ناهي ٿي سگهي، جنهن سبب ناري ذوليخان ڇڄڻ جي امڙ مسمات منظوران ڇڄڻ کي بيهوشي جا دورا پئجي رهيا آهن، ان حوالي سان ناري ذوليخان ڇڄڻ جي وارثن پاران پاڪ ڪتاب کڻي ميڊيا آڏو احتجاج ڪيو ۽ ميرپور ماٿيلو پوليس خلاف ڇتي نعريبازي ڪئي، ان موقعي تي ناري جي وارثن مسمات منظوران ڇڄڻ، مسمات وزيران ڇڄڻ، الله ڏتو ڇڄڻ، علي محمد، علي شير ڇڄڻ ۽ ٻين ميڊيا آڏو دانهيندي چيو ته 2 مهينا اڳ ڳوٺ فضل ٿهيم مان پنهنجي ئي برادري جي ماڻهن جوابدار گلشير، زمان، مور، بابر، مختيار ڇڄڻ ۽ ٻين اسان جي گهر تي حملو ڪري اسان جي ناري ذوليخان ڇڄڻ کي اغوا ڪري ويا آهن، جنهن جي ايف آءِ آر ميرپور ماٿيلو ٿاڻي تي داخل ڪئي وئي آهي، پر ان باوجود ميرپور ماٿيلو پوليس ناري بازياب ڪرائڻ ۾ مڪمل طور ناڪام وئي آهي،ايس ايس پي گهوٽڪي، ڊي آءِ جي سکر، آءِ جي سنڌ اسان جي مدد ڪن ۽ ناري بازياب ڪرائي ڏين ٻئي صورت ۾ سخت احتجاج ڪندا سون

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.