خانپور مهر وچ شهر مان جوابدار شهري جي موٽر سائيڪل چورائي ويا

خانپور مهر (ت ر ) خانپورمهر وچ شهر ۾ ڳوٺاڻي جي موٽر سائيڪل چوري. سي سي  ٽي وي ڦوٽيج هٿ. پوليس جاچ شروع ڪري ڇڏي. خبرموجب خانپورمهر جي وچ شهر ۾ ايم سي بي بئنڪ چوڪ وٽان نامعلوم  چور ڳوٺ ڪمون گڏاڻي جي رهواسي ڳوٺاڻي  خان محمد گڏاڻي جي  بيٺل ون ٽو فائيو موٽرسائيڪلن چوري ڪري فرار ٿي ويا. جڏهن ته سي سي ٽي وي ڦوٽيج  پوليس کي هٿ اچي ويا آهن جنهن ۾ هڪ چور وچ چوڪ تان موٽر سائيڪل چوري ڪندي نظر اچي ٿو. ھوڏانھن خانپور مهر پوليس سي سي ٽي وي ڦوٽيج جي مدد سان موٽر سائيڪل چور جي سوراخ لڳائڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي آهي پر چور پوليس کي هٿ نه اچي سگهيو آهي. واضح رهي ته ته گذريل ڏينهن به چوري جون ٽه واردات ٿيون جن ۾ ڳوٺ اڪبر پتافي جي موٽر سائيڪل ڪاهي ۽ گاجي پل وٽان راشد بوزدار جي دڪان تالا ٽوڙي سامان کڻي ويا هئا. جڏهن ته رزاق بوذدار جون ٻه ڳئون چوري جي ڪوشش ڪئي هئي. خانپور مهر پوليس بدامني تي ڪنٽرول نه ڪري سگهي آهي جنهن ڪري علائقي واسي جاڳي گذراڻ تي مجبور آهن

مبارڪپور ۾ بدامني، چور پورهيت جي گهر کي کاٽ هڻي سامان ٻهاري ويا

مبارڪپور( ن ع آ)مبارڪپور ٿاڻي جي حد ۾ بدامنيءَ جي باھ ڀڙڪي پئي آھي ۽ چورين جو آزار وڌي ويو ھر رات چوري معمول بڻجي وئي آھي، شھري جاڳي رات گذارڻ تي مجبور ٿي ويا آھن پر چورن جا تير تکا  آھن روزانو ڪنھن نه ڪنھن جي گھر مان چوري ٿي رھي آھي، گذريل رات به مبارڪپور شھر مان نامعلوم چور پورهيت چيٽو باگڙي جي گهر کي کاٽ هڻي موٽرسائيڪل، روڪ رقم، موبائل فونون، گهر ۾ وڪرو ڪرڻ لاءِ رکيل 50 کان وڌيڪ ڪپڙن جا جوڙا، ايل سي ڊي، ۽ ٻيو قيمتي سامان چوري ڪري کڻي ويا، جنھن جو پيرو گھرن کان ڪجهھ مفاصلي بعد روڊ تي گم ٿي ويو، مبارڪپور پوليس اگھور ننڊ ستل آھي. ھن ايس ايس پي صاحب جيڪب آباد کان مطالبو ڪندي چيو ته اسان غريبن جي چوري واپس موٽائي ڏني وڃي.

لاڙڪاڻو پوليس پاران 3 جوابدار گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻو پوليس ڏوهارين خلاف ڪاورائيون ڪندي ٽن اشتهاري ۽ روپوش جوابدارن کي گرفتار ڪري چوري ٿيل رڪشا، منشيات ۽ چنگچي هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. ان سلسلي ۾ ڪالهه  سول لائين پوليس چيڪنگ دوران ضلعي شڪارپور جي مختلف ٿاڻن تي ٻٽي قتل ۽ چوري جي پنجن کان وڌيڪ ڪيسن جي اشتهاري جوابدار علير شير مهر کي، باڊهه پوليس گشت دوران ڏوڪري ويندڙ لنڪ روڊ تان منشيات فروش قائم شاهاڻي کي هڪ ڪلو چرس سميت ۽ گابر مسڻ لنڪ روڊ تان منشيات ۽ پوليس مقابلي جي ڪيسن جي اشتهاري جوابدار مٺل عرف محبوب بروهي کي گرفتار ڪري ورتو آهي. ٻئي پاسي سچل پوليس شهري نديم ڪلهوڙو جو چوري ٿيل رڪشو ۽ وليد پوليس شهري فيض ٻرڙو جي چوري ٿيل چنگچي هٿ ڪري اصل مالڪن حوالي ڪري ڇڏي.

راڌڻ لڳ رانگڙ پاڙي مان چور موٽر سائيڪل ڪاهي ويا

راڌڻ ( ن ع آ ) راڌڻ شھر جي رانگڙ پاڙي مان امام بارگاهه جي در اڳيان چاٻي چور غازي خان لاکير پٽ سائين عاشق لاکير جي 2020. سي ڊي موٽر سائيڪل ڪاهي ويا پوليس آگھور ننڊ ۾ ھڪ ھفتي ۾ ھي  پنجي موٽر سائيڪل ڦر چاٻي چور ڪاھي ويا آھن ھوڏانھن ساڳئي رات راڌڻ ڀرسان ڳوٺ چاند ماڙي ۾ نامئلور چور مئشوق ولدامام الدين واڍو جي گھر ۾ ھٿيارن جي زور داخل ٿي گھر مان ھڪ ڀلوڙ نسل جي مينھن ڪاھي ويا .

گهوٽڪي ۾گٽڪو وڪڻڻ جي الزام هيٺ دڪاندار گرفتار

گهوٽڪي(ڊ ر) گهوٽڪي پوليس هٿان گٽڪو وڪڻڻ جي الزام هيٺ دڪاندار گرفتار، خبرن موجب گهوٽڪي جي پراڻي ماٿيلو بس اسٽينڊ وٽان اي سيڪشن پوليس رياض احمد ولد شمس الدين گڏاڻي کي  گرفتار ڪري ورتو، جنهن مٿان ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.

ڪشمور سانحي ڪيس جي جوابدار خيرو بگٽي جو وڌيڪ 7 ڏينهن جو رمانڊ

ڪنڌ ڪوٽ (ڊ ر) ڪشمور ۾  معصوم عليشا ۽ سندس امڙ سان زيادتي ڪري پنهنجي ساٿي کي ماريندڙ جوابدار خيرو بگٽي کي  پوليس دهشتگردي انت عدالت ڪنڌ ڪوٽ ۾  پيش ڪيو عدالت پاران جوابدار کي ستن ڏينهن تائين جسماني رمانڊ تي پوليس جي حوالي ڪري ڇڏيو .  واضح رهي ته گرفتار جوابدار جي مٿان ڪشمور ٿاڻي تي  ٻارڙي ۽ سندس امڙ سان زيادتي ڪرڻ  جو ڪيس داخل آهي.  ۽ بخشاپور ٿاڻي تي پوليس سان مقابلو ڪرڻ  جو به الڳ ڪيس داخل ٿيل آهي.  اهڙي دردناڪ واقعي ۾  پوليس جي سٺي ڪارگردگي سبب جوابدار قانون جي گرفت ۽ هڪ جوابدار مارجي ويو آهي،

سراج الحق کي پرويز الاهي ۽ فخر امام جو فون، تعزيت

لاهور(بيورو)جماعت اسلامي پاڪستان جي امير سينيٽر سراج الحق سان پنجاب اسيمبلي جي اسپيڪر چوڌري پرويز الاهي ۽ وفاقي  زير فوڊ سيڪورٽي فخر امام فون ڪري سندس ماءُ جي انتقال تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي. نواب سرفراز احمد خان سيال ثمر باغ ۾ جماعت اسلامي سان ملاقات ڪري افسوس ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو هوڏانهن جماعت اسلامي پاڪستان جي نائب امير راشد نسيم شيخ شوڪت مرحوم جي گهر وڃي ڪري ان پٽ ۽ خاندان جي ماڻهن ان جي انتقال تي دلي ڏک افسوس ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو

ڪپهه، چانور، ڪڻڪ سميت 8 نون ٻجن جي منظوري

ڪراچي (رپورٽر)  سنڌ سيڊ ڪائونسل ڪپهه، چانور، ڪڻڪ، ڪيلو، انب۽ آئل سيڊ سميت سنڌ جي 8 نون قسم جي ٻجن جي منظوري ڏئي ڇڏي، ڪالهه  زراعت  واري صوبائي وزير محمد اسماعيل راهو  جي صدارت ۾ سنڌ سيڊ ڪائونسل  جو 38 هون اجلاس ٿيو، اجلاس ۾ زراعت کاتي جو سيڪريٽري، ڊي جيز، آبادگار اڳواڻ زين شاهه، نديم شاهه ڄاموٽ ۽ ٻج جي ڪمپنين جي آفيسرن شرڪت ڪئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.