صوفي يونيورسٽي ڀٽ شاهه سنڌي شعبي کولڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي

ڀٽ شاهه (رپورٽ: ارشاد ٻگهيو) ڀٽ شاھ يونيورسٽي آف صوفي ازم اينڊ ماڊرن سائنسز ڀٽ شاھ جي اڪيڊمڪ ڪائونسل جو پھريون اجلاس وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر پروين منشي جي صدارت هيٺ ڪانفرنس  ھال ۾ ٿي گذريو. يونيورسٽي آف صوفي ازم اينڊ ماڊرن سائنسز جي ويزن، مشن ۽ ويليوز سان گڏ مختلف شعبن بزنس ايڊمنسٽريشن، ڪامرس، انفارميشن ٽيڪنالوجي، ڪمپيوٽر سائنس، ايجوڪيشن، سينٽر فار صوفي اسٽڊيز، ريسرچ اينڊ پبليڪيشن ۽ آفيس آف ريسرچ، انوويشن اينڊ ڪمرشلائيزيشن جي ويزن، مشن ۽ ويليوز جي منظوري ڏني وئي ان سان گڏ ڄاڻايل شعبن جي ڪورس ورڪ جي پڻ منظوري ڏني وئي آھي.  جنھن سان شاگرن کي بين الاقوامي ۽ جديد تقاضائن موجب تعليم ۽ تربيت ڏني ويندي. اڪيڊمڪ ڪائونسل جي اجلاس ۾ داخلائن ۽ سرٽيفيڪيٽن جي فيس اسٽرڪچر، امتحانن جي گريڊنگ سسٽم ۽ سرٽيفيڪيٽن جي ڊزائنن جي منظوري سان گڏ اھو پڻ منظور ڪيو ويو تھ مستقبل ۾ يونيورسٽي آف صوفي ازم اينڊ ماڊرن سائنسز ڀٽ شاھ پنھنجي ڊگري سرٽيفيڪيٽ انگريزي ٻولي سان گڏ سنڌي ٻولي ۾ پڻ جاري ڪندي. اھڙي طرح يونيورسٽي ۾ سنڌي ٻولي جو شعبو کولڻ سان گڏ 3 ٻين شعبن انگريزي، آرٽيفيشل انٽيليجنس (مصنوعي ذھانت) ۽ اليڪٽرونڪس انجنيئرنگ ڊپارٽمينٽ کولڻ جي پڻ منظوري ڏني وئي آھي. پروفيسر ڊاڪٽر پروين منشي چيو تھ اڪيڊمڪ ڪائونسل يونيورسٽي جو انتهائي اهم فورم آهي، جتي گڏيل صلاح مشوري سان اهم تدريسي ۽ تعليمي فيصلا ڪيا ويا آھن. ھن چيو تھ يونيورسٽي جي اڪيڊمڪ ڪائونسل جو پھريون اجلاس ڪندي تمام گهڻي خوشي محسوس ڪري رھي آهيان، اڄوڪي اجلاس ۾ تمام اھم فيصلا ڪيا ويا آھن جن ۾ انگريزي سان گڏ سنڌي ٻولي ۾ ڊگري جاري ڪرڻ وارو فيصلو پڻ شامل آھي. ھن چيو تھ ھي يونيورسٽي پاڪستان ۽ خاص ڪري سنڌ صوبي جي پھرين يونيورسٽي آهي، جيڪا ھاڻ انگريزي سان گڏ سنڌي ٻولي ۾ بھ ڊگري جاري ڪندي، جنھن سان سنڌي ٻولي جي اھميت اجاگر ٿيڻ سان گڏ واڌ ويجھ ۽ خدمت پڻ ٿيندي رھندي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.