لاڙڪاڻي ۾گهر بچايو ڪاميٽي جو احتجاج، سوين ماڻهن جو ڌرڻو

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻي ۾ گهر بچايو ڪاميٽي جي سڏ تي امڪاني گهر ڊاهڻ خلاف لاڙڪاڻي جي رائيس ڪئنال، گهاڙ واهه، آبڙو واهه ۽ ايريگيشن ڪالوني جي رهواسين شهر جي لاهوري ريگيوليٽر وٽ  بئريسٽر ڪاظم رضا عباسي، رافع عباسي، کجي چانڊيو جي اڳواڻيءَ ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو جنهن ۾ عورتن پاڪ ڪتاب مٿي تي کڻي ٻارن سان گڏجي احتجاج ڪيو. ڌرڻي ۾ ناياب سرڪش سنڌي، ايس ٽي پي اڳواڻ عبدالمجيد مغيري سميت سياسي، سماجي ۽ سول سوسائٽي جي اڳواڻن اظهار يڪجهتي طور شرڪت ڪئي. ڌرڻي کي خطاب ڪندي گهر بچايو ڪاميٽي جي اڳواڻن محمد قاسم چانڊيو، ڊاڪٽر ذوالفقار چانڊيو، اختيار علي کرل، امتياز علي مغيري، قربان علي شيخ، بشير احمد خاصخيلي، اياز ڪورائي، سلمان خاصخيلي، محمد اويس تنيو، عبدالستار ميرالي، غلام سروس شيخ، علي اڪبر تنيو ۽ ٻين چيو ته اسين 40 سالن کان وٺي رائيس ڪئنال، گهاڙ واهه، آبڙو واهه ۽ ايريگيشن ڪالوني ۾ گهر ٺاهي رهائش اختيار ڪري ويٺا آهيون، رائيس ڪئنال، گهاڙ واهه ۽ آبڙو واهه جتي 60 فوٽ ويڪرا رستا، بجلي، گئس سميت ٻيون سهولتون به مليل آهن، هڪ سازش تحت اسان کي اتان لڏائڻ لاءِ آبپاشي کاتي جا عملدار سرگرم ٿي ويا آهن جڏهن ته اسان طرفان نظرثاني پٽيشنون به داخل ڪيون آهن.  ان جي باوجود اسان کي تنگ ڪيو پيو وڃي. هنن چيو ته اڳ ئي مهانگائي ۽ بيروزگاري سبب غريب طبقو فاڪاڪشي واري واري گذاري رهيا آهن ويتر کين بي گهر ڪرڻ لاءِ گهر ڊاٿا پيا وڃن. هنن چيو ته ايريگيشن ڪالوني جي رهواسين کي آبپاشي کاتي جي عملدارن ڌمڪيون ڏنيون آهن ته هيوي مشينري جي ذريعي ڪاروائي ڪئي ويندي اهڙي عمل جي لاڙڪاڻي جا رهواسي سخت مزاحمت ڪندا. هنن سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر کي اپيل ڪئي ته عدالتي فيصلي تي نظرثاني ڪري اسان غريبن جا اجها ڊاهڻ وارو فيصلو واپس وٺي انصاف فراهم ڪيو وڃي. هنن سنڌ حڪومت کي اپيل ڪئي ته سنڌ ڪچي آبادي تحت 1997ع کان اڳ جي رهواسين کي ڪچي آبادي طور ڊڪليئر ڪري مالڪاڻا حق ڏنا وڃن ٻي صورت پاڻ مٿان پيٽرول هاري خودڪشيون ڪنداسين.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.