ڪنڌڪوٽ لڳ هٿياربندن گوليون هڻي نوجوان قتل ڪري ڇڏيو

ڪنڌ ڪوٽ (ڊ ر)ڪنڌ ڪوٽ بي سيڪشن ٿاڻي جي حد خير شاھ جي علائقي ۾  ٻنهي ڌرين ۾  هلندڙ پراڻي تڪرار سبب بنگوار برادري جي ماڻهن  هٿياربندن  25 سالن جو نوجوان  عطاالله محمداڻي کي  گوليون هڻي ڪري  فرار ٿئي ويا اطلاع تي نوجوان جا وارث پهچي زخمي حالت ۾  اسپتال آندو جتي نوجوان جي حالت نازڪ هجڻ  ڪري سکر منتقل ڪيو ويو نوجوان سکر اسپتال پهچڻ  تي زخمن جا سور نه سهندي دم ڏئي ڇڏيو. اهڙي  واقعي جي خبر پوڻ  تي ٻنهي ڌرين جا ماڻهون گهرن تائين محدود ٿئي ويا  عطالله محمداڻي 3 ڏينهن اڳ شادي ڪئي هئي جيڪو ميٽرڪ جو شاگرد پڻ  هو نوجوان جو لاش گهر پهچڻ  تي ڪهرام مچي ويو خبر فائيل ٿيڻ  تائين پوليس ڪو به جوابدار گرفتار نه ڪري سگهي نه هي واقعي جو اڃا  ڪيس داخل ٿئي سگهيو آهي نوجوان جي قتل بعد ٻنهي ڌرين ۾  جيهڙو وڌڻ  جو خدشو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.