ڇاڇري لڳ ڳوٺاڻي غربت کان تنگ ٿي ڦاهو کائي ڇڏيو

ڇاڇرو (رپورٽ:يعقوب بجير ) ڇاڇرو ويجهو نوجوان جو وڻ ۾ ٽنگيل لاش هٿ آيو، ڇاڇرو جي ڳوٺ ناڪرايو ۾ چئن ٻارڙن جي پيءُ  35 سالن جو نوجوان لال محمد ولد پنهون نهڙي جو پنهنجي گهر جي ويجهو نم جي وڻ ۾ ٽنگيل لاش هٿ آيو، ڳوٺاڻن جي اطلاعن تي حد کينسر جي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش پوسٽ مارٽم لاءِ کينسر اسپتال آندو جتي پوسٽ مارٽم ۽ ضروري قانوني ڪارروائي کانپوءِ لاش وارثن حوالي ڪيو ويو، جڏهن نوجوان جي وارثن جو چوڻ آهي ته نوجوان جو ذهني توازن درست نه هجڻ سبب خودڪشي ڪئي آهي، ڳوٺ جي ويجهن ذريعن موجب گهرو اڻبڻت  سبب نوجوان ڦاهو کائي خودڪشي ڪئي آهي، حد جي پوليس جو چوڻ آهي ته پوسٽ مارٽم رپورٽ اچڻ تائين واقعي جي جانچ جاري رهندي جيڪا به حقيقت ھوندي هن موجب قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.