دادو ۾ ٻن موٽر سائيڪلن ۾ ٽڪر، هڪ ڄڻو فوت

دادو ( ڊ ر ) دادو ۾ انڊس هاءِ وي تي ڳوٺ يوسف چنا وٽ ٻن موٽر سائيڪلن ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾ 30 ورهين جو جبران جمالي دادو  سول اسپتال ۾ فوت ٿي ويو جڏهن ته عورت، ٻارڙي سميت 4 ڄڻا زخمي ٿي پيا جن کي سول اسپتال منتقل ڪيو ويو. زخمين ۾ عورت موران، ٻارڙي انيلا، وجاهت ۽ حاڪم علي شامل آهن. فوتي جو لاش ضروري ڪاروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو جيڪي لاش کڻائي اباڻي ڳوٺ چودڳي پهتا ته ماحول سوڳوار ٿي ويو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.