ڪوٽ غلام محمد لڳ نوجوان آپگهات ڪري ڇڏيو

ڪوٽ غلام محمد (ن ع آ)ڪوٽ غلام محمد لڳ ڳوٺ ڪاڇيلو فارم ۾ 28 سالا شادي شده نوجوان هريش پٽ ڪمون ميگهواڙ گهر  جي ڪمري اندر مبينا طور ڦاهو کائي آپگهات ڪري ڇڏيو، اهڙي اطلاع ملڻ تي ڪوٽ غلام محمد پوليس پهچي نوجوان جو مڙه کڻائي ضروري ڪارروائي ڪرايڻ لاءِ تعلقه اسپتال ڪوٽ غلام محمد پهچايو ،جتي فوتي جي وارثن ٻڌايو ته هريش ميگهواڙ ڪراچي جي فئڪٽري ۾ ڪم هوندو ڏياري جي تهوار تي گهر آيل هو ۽ سندس زال کي پنهنجي ساهرن ۾ ڇڏي آيو هو ،۽ اسان صبع جو ڪمري جو دروازو کوليو ته هريش ٽنگيل حالت ۾ مليو ،هنن ٻڌايو ته هن اهڙو قدم چو کنيو خبر ئي نٿي پوي ،جڏهن ڊاڪٽرن پاران ضروري ڪاروائي بعد نوجوان جو مڙه وارثن حوالي ڪري ڇڏيو آهي،جڏهن ته فوتي جو لاش گهر پهچڻ تي گهر ۾ قهرام مچي ويو آهي،جڏهن ته آپگهات ڪرڻ جو ڪارڻ معلوم نه ٿي سگهيو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.