روهڙي جي قديم قبرستان تان قبضا ختم ڪرائڻ جو حڪم

سکر(رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر روهڙي جي قديمي قبرستان مٿان ٿيل قبضن  خلاف داخل درخواست جي ٻڌڻي، عدالت انتظاميه کي فوري طور تي قبرستان مٿان قبضا ختم ڪرائڻ جو حڪم. خبر موجب: روهڙي جي قديمي قبرستان مٿان قبضن خلاف درخواستگذار اطهر عباس شاهه پاران پنهنجي وڪيل شبير علي شر معرفت داخل درخواست جي ٻڌڻي جسٽس آفتاب احمد ڳورڙ  ۽ جسٽس محمود اي خان جي عدالت ۾ ٿي، ٻڌڻي دوران درخواستگذار جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته روهڙي جي سوين سال قديمي قبرستان مٿان بااثر قبضا مافيا پاران قبضا ڪيا ويا آهن، جڏهن ته مقامي انتظاميه قبضا مافيا خلاف ڪاروائي ڪرڻ بجاءِ ٻٽ بڻيل آهي، هن عدالت کي استدعا ڪئي هت روهڙي جي قديمي قبرستان مٿان قبضا ختم ڪرائڻ جو حڪم جاري ڪري فوري طور تي قبضا ختم ڪرايا وڃن، ڪيس جي ٻڌڻي ڪندڙ بئنچ سکر انتظاميه کي فوري طور تي روهڙي جي قديمي قبرستان مٿان ٿيل قبضا ختم ڪرائڻ جو حڪم جاري ڪندي ٻڌڻي ٻن هفتن لاءِ ملتوي ڪري ڇڏي.

پيرڳوٺ ۾ پوليس جي زيادتين خلاف شهرين جو مظاهرو

پيرجوڳوٺ ( ن ع آ ) پيرڳوٺ پوليس جي زيادتين خلاف شهرين پاران مظاهرو ڌرڻو، پوليس بناجواز چڙهائي ڪري معزز شهرين کي  پريشان ڪري رهي آهي شهري. ان ڏس ۾ پيرڳوٺ جي شهرين پاران پريس ڪلب اڳيان پوليس زيادتين خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيون. احتجاج ڪندڙن جي اڳواڻي گلبهار خاصخيلي، واحد، استاد اقن، احسن، عاشر خاصخيلي، ذوالفقار خاصخيلي ۽ ٻيا ڪري رهيا هئا. ان موقعي تي احتجاج ڪندڙن جو چوڻ هو ته پيرڳوٺ پوليس منٿلي نه ڏيڻ تي بناجواز اوطاقن ۽ فصلن تي ڪم ڪندڙ معزز شهرين کي کنڀي تشدد ڪري لاڪ اپ ڪري ڇڏي ٿي، ۽ رشوت وٺڻ بعد کين ڇڏيو وڃي ٿو.  هنن چيو ته پوليس جي روز روز چڙهائين ڪري سخت پريشان ٿي ويا آهيون. پنهنجي فصلن تي به نه ٿا وڃي سگھون. هنن ڊي آءِ جي سکر کان گھر ڪئي ته پيرڳوٺ پوليس جي زيادتين جو نوٽيس وٺي پريشاني ختم ڪئي وڃي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.