پيرڳوٺ لڳ نافرمان پٽن جو والدين تي تشدد، گهران ڪڍي ڇڏيو

پيرجوڳوٺ  ( ن ع آ ) پيرجوڳوٺ لڳ ڳوٺ سونو سولنگي ۾ نافرمان پٽ پيرسن پيءُ محمد دائود سولنگي ماءُ حسنا سولنگي کي  تشدد ڪري گھران ڪڍي ڇڏيو آهي.گهران تڙي ڪڍيل  پيرسن  محمد دائود سولنگي ۽ حسنا سولنگي صحافين آڏو  احتجاج ڪندي چيو ته سندن پٽ جنسار سولنگي نافرمان ٿي ويو آهي، ملڪيت خاطر تشدد ڪيو ۽ تذليل جو نشانو بنائي گھران ڪڍي ڇڏيو آهي، هنن چيو ته دربدري واري زندگي گذارڻ تي مجبور آهيون هنن چيو ته پٽ گھٽا ڏنا، ۽ منهنجا ۾ بُجا ڏئي تذليل جو نشانو بڻايو ۽ چيو ته گھر ۾ رهندئو ته توهان جو خير نه هوندو. پيرسن حسنا سولنگي پٽ پاران تشدد جا نشان ڏيکاريندي چيو ته هوُ ڊپ کان خيرپور ۾ پنهنجي ڌيءُ جي گهر ۾ پناهه ورتي آهي. جڏهن ته منهنجي مڙس محمد دائود سولنگي ڳوٺ ڀرسان قائم هڪ هوٽل تي پريشاني واري زندگي گذارڻ تي مجبور آهيون. هنن چيو ته ڏک اِهو ٿئي ٿو ته جنهن کي وڏيون تڪليفون سهي پاليوسين اڄ ان جي ئي هٿان تذليل جو شڪار ٿي رهيا آهيون. هنن ڊي آءِ جي سکر، ايس ايس پي خيرپور کان گھر ڪئي ته نافرمان پٽ خلاف ڪاروائي ڪري تحفظ فراهم ڪيو وڃي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.