مسافر ڪوچ هلائيندي گيم کيڏڻ واري وڊويو، ڊرائيور جو لائيسنس رد

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻي مان ڪراچي ويندڙ ڪوچ جي ڊرائيور طرفان هلندڙ گاڏي ۾ موبائيل فون تي گيم کيڏڻ واري ويڊيو سوشل ميڊيا  تي وائرل ٿيڻ کان پوءِ موٽر وي پوليس طرفان ڪوچ جي ڊرائيور جو لائسنس ۽ ڪوچ جو روٽ پرمنٽ رد ڪري ڇڏيو آهي. موٽروي پوليس لاڙڪاڻو جي ترجمان طرفان جاري ڪيل پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته لاڙڪاڻي کان ڪراچي ويندڙ ڪوچ جي ڊرائيور طرفان موبائيل تي ويڊيو گيم کيڏڻ دوران ڊرائيور جي بلڪل پويان ويٺل مسافر طرفان اهو منظر ڏسي پنهنجي موبائيل جي ذريعي ڊرائيور جي اهڙي لاپرواهي ۽ خطرناڪ عمل کي رڪارڊ ڪيو ۽ سوشل ميڊيا تي اهڙي ويڊيو وائرل ڪري ڇڏي، هڪ منٽ 17 سيڪنڊ جي ويڊيو رڪارڊنگ جي دوران مسافر جي ذميواري هئي ته هو فوري طور تي موٽر وي پوليس لائين 130 تي رابطو ڪري ڊرائيور جي اهڙي غفلت جو اطلاع ڏنو وڃي ها جيئن بروقت ڪاروائي ٿي سگهي ها پر ان معاملي ۾ ان مسافر به غفلت کان ڪم ورتو جيڪو غلط عمل آهي. ڄاڻايل ڪوچ نمبر جي بي 7246 عبدالرحمٰن موريو ڪمپني، روٽ ڪراچي کان لاڙڪاڻي جي ڊرائيور بابر خان جو لائسنس ۽ ڄاڻايل ڪوچ جو روٽ پرمنٽ رد ڪيو ويو آهي.  ۽ ان خلاف ايف آءِ آر به داخل ڪئي ويندي. ترجمان وڌيڪ چيو آهي ته اسان اهڙن سمورن پبلڪ ٽرانسپورٽ ۾ سفر ڪندڙ مسافرن کي اپيل ٿا ڪريون ته هو جڏهن ته اهڙي قسم جو عمل گاڏي جي عملي طرفان ٿيندي ڏسن جنهن سان ڪنهن به وڏي حادثي جو خدشو هجي ته فوري طور تي اسان جي هيلپ لائين 130 تي اطلاع ڏنو وڃي، موٽر پوليس 24 ڪلاڪ اوهان کي معلومات فراهم ڪرڻ ۽ خدمت جي لاءِ حاضر آهي، موٽروي پوليس هي صورت ۾ روڊ سيفٽي تي عمل درآمد کي يقيني بڻائيندي رهندي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.