کوکرا پار ۾ هٿياربندن جي واپارين کان ڦرلٽ

کوکراپار (ن ع آ) کوکراپار ٿاڻي جي حد ۾ منشيات ۽ جوا بعد ڦر جي وارداتن ۾ اضافو شھري غير محفوظ ۽ انتظاميا خاموش تماشائي  بڻيل ڪالھ صبح فجر مهل کوکراپار جا سبزي فروش گلزار جمالي ۔ساجن ڪلهوڙو۔شاهنواز پنهور۔اسلم خاصخيلي۔جبار خاصخيلي۔رزاق ۽ ٻيا واپاري معمول موجب سوزڪي ۾ سوار ٿي سبزي منڊي خريداري لاء وڃي رھيا ھئا ته کوکراپار چار نمبر لڳ چار نامعلوم ڦورو ھٿيارن جي زور تي کين يرغمال بڻائي  لکين روپيا نقد ۽ موبائل فونز ڦر ڪري پيدل فرار ٿي ويا۔ واپارين پاران کوکراپار ٿاڻي پھچي شڪايت درج ڪرائڻ باوجود پوليس ڪنھن به  قسم جي ڪا ڪارروائي نه ڪئي آھي ٻئي طرف علائقي واسين جو چوڻ آھي ته ڦورن رڻ ٻاري ڇڏيو آھي کوکراپار ۾ ڦرون ۽ ڌاڙا روز جو معمول بڻجي چڪا آھن هتي ڪو به ماڻھو محفوظ ناهي ـ  پوليس وٽ به ڪو داد فرياد ڪونهي بدامني جي شڪايت ڪرڻ باوجود پوليس ڪارروائي نٿي ڪري ۔رهواسين صحافين اڳيان دانهيندي چيو ته علائقي ۾ منشيات ۽ جوا سميت هر قسم جو ڏوه ٿيئي پيو پر پوليس عوام کي تحفظ ڏيڻ بجائي ڏوهارين جي سرپرستي ڪري اوڳاڙي ڪرڻ ۾ پوري آھي ھنن  آئي جي سنڌ ايس ايس پي ڪورنگي ۽ ٻين وس وارن کان مطالبو ڪندي گھر ڪيئي آھي ته  کوکراپار ۾ بدامني جو نوٽيس وٺي ڏوهارين کي گرفتار ڪيو وڃي ۽ غريب مزدورن کان ڦرٿيل روڪ رقم ۽ موبائل فونون واپس ڪرائي پوليس عوام کي تحفظ فراهم ڪرڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري اي ايس آئي محمد بخش ٻرڙو جيان پوليس ڊپارٽمنٽ جو نالو روشن ڪري.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.