مدئجي جي ٻيلي کاتي جي زمين تان قبضا ختم ڪرائڻ لاءِ آپريشن

مدئجي (ن ع آ)مدئجي جي ڪچي جي مختلف علائقن ۾ ٻيلي کاتي جي زمين تي ٿيل قبضو ختم ڪرائڻ واري سپريم ڪورٽ  جي حڪم تي ريجنل فاريسٽ آفيسر ڪريم بخش مڱريو جي اڳواڻي ۾ ٻيلي کاتي جي ملازمن وڏي انگ ۾ پوليس اهلڪار ساڻ ڪري زمينن ۾ ڌاڻن، چڻن ترن سميت پوکيل مختلف فصلن کي ٽريڪٽرن ذريعي ڀيلائي ڇڏيو آهي، ان سلسلي ۾ ريجنل فاريسٽ آفيسر ڪريم بخش مڱريو ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو آهي ته عدالتي حڪم تي اٺ هزار ٻه سئو ايڪڙن تي ٿيل قبضا ختم ڪرايا هئا. هاڻ ٻيهر زمين تي قبضو ڪرڻ وارن اطلاعن تي ڪارروائي قبضا مافيا خلاف آپريشن ڪري 70 ايڪڙ سرڪاري زمين تان قبضا ختم ڪرايا آهن، هن وڌيڪ چيوته قبضو ڪندڙ ڪيترا به بااثر ڇونه هجن سندن خلاف ڪارروائي ڪري ٻيلي کاتي جي زمين تان قبضو ختم ڪرايو ويندو. هوڏانهن ٻيلي کاتي جي زمين تي ڪاررواين بابت مختلف ڳوٺاڻن جو چوڻ هوته ٻيلي کاتي جي عملدارن نالي ماتر ڪارروايون ڪيون آهن جڏهن ته علائقي جي بااثرن جا ٻيلي کاتي جي زمينن تي قبضا برقرار آهن جن خلاف عملدار ڪارروائي ڪرڻ کان لنوائيندي واپس روانا ٿي ويا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.