شادي لارج ۾ هيلٿ ڪيئر جي ٽيم پهتي، 4 ڪلينڪون سيل

شادي لارج (  رپورٽ : محمد ادريس لنڊ ) شادي لارج شهر ۾ هيلٿ ڪيئر ڪميشن جي ٽيم ڊاڪٽر گل حسن لنڊ، ڊاڪٽر  مولابخش ڪلوئي، ڊاڪٽر رياض احمد کوسو۽ ڊاڪٽر غفار انصاري جون ڪلينڪون سيل ڪري ڇڏيو ۽ ايم بي بي ايس ڊاڪٽر عبدالمجيد ملاح کي وارنينگ ڏنو ته پنهنجي ڪلينڪ کي هيلٿ ڪيئر ڪميشن کان رجسٽرڊ ڪرائڻ بعد هلائي نه ته ٻئي صورت ۾ ڪلينڪ سيل ڪيو ويندو جڏهن ته ان موقعي تي هليٿ ڪيئر ڪميشن بدين ضلعي جي فوڪل پرسن ڊاڪٽر رسول بخش ميمڻ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته عطائي ڊاڪٽر اٻوجھه ماڻهن جي صحت سان کيڏي رهيا آهن جيڪو غلط عمل جنهن کي ڪڏهن به برداشت نه ڪيو ويندو ۽ عوام ۽ ميڊيا وارا عطائي ڊاڪٽرن جي نشاندهي ڪن اسان انهن خلاف ڪارروائي ڪنداسين ۽ سيل ٿيل ڪنهن به ڊاڪٽر اگر ٻيهر  اسپتال جي سيل ٽوڙي ته ان خلاف ايف آءِ آر داخل ٿيندي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.