ڪنڪريٽ سليپر فيڪريٽري سکر جي ملازمن جي ريلوي پريم يونين ۾شموليت

سکر (رپورٽر) ريلوي ڪنڪريٽ سليپر فيڪريٽري سکر ڊويزن جي ملازمن ريلوي ورڪر يونين کي ڇڏي ريلوي پريم يونين سي بي اي ۾ شموليت جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. ان ڏس ۾ سليپر فيڪٽري جي مزدورن زاهد ميراڻي، امداد علي خروس، فيضان  احمد، ضمير احمد، عامر حسين، سميع الله جي اڳواڻي ۾ پريم يونين ۾ شموليت جو اعلان ڪيو. ان موقعي تي ريلوي پريم يونين جي اڳواڻ خير محمد تنيو ڳالهائيندي چيو ته ريلوي مزدورن جي واحد نمائندا تنظيم پريم يونين آهي. اسان جا ورڪر بغير ڪنهن فرق جي هڪ ٻئي جي مدد ڪندا آهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.