چونڊن جي نظام کي سائنسي بڻايو وڃي:اياز پليجو

حيدرآباد (پ ر) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي سنڌ هاري ڪميٽي جي صدر ڪامريڊ اظهر جتوئي جي  لاڏاڻي تي گھري ڏک ۽ افسوس جو اظھار ڪندي وارثن سان تعزيت ڪندي چيو آھي تہ ڪامريڊ اظھر باباءِ سنڌ حيدر بخش جتوئي جي فڪر ۽ نعري ھيٺ جدوجھد ڪري ھارين ۽ سنڌ جي حقن لاءِ آواز بلند ڪيو. اياز لطيف پليجي چيو آھي تہ جمھوري نظام کي وڌيڪ مضبوط بنائڻ لاءِ چونڊ سڌارا ڪيا وڃن، تڪ ننڍا ڪيا وڃن ۽ ووٽنگ واري عمل کي سائنٽيفڪ نموني شفاف بنايو وڃي. اياز لطيف پليجي چيو تہ موجوده تڪ بندين تحت صرف جاگيردار، سرمائيدار ۽ امير ماڻھن کي اليڪشن ۾ بيھڻ جي اجازت آھي، جيڪي اربين روپيا سيڙپڪاري ڪري حڪومت ۾ اچي ڪرپشن ذريعي ٻيڻي دولت ڪمائين ٿا. اليڪشن ۾ بيھڻ جو حق مڊل ڪلاس، ورڪر، ھاري، مزدور طبي کي بہ ھجن گھرجي، ملڪ ۾ سڀ کان وڌيڪ مسئلا پورھيت طبقي سان آھن پر اسيمبلي ۾ انھن جي ڪا بھ نمائندگي ناھي. اليڪشن سسٽم شفاف ناھي، جيڪو جيترو طاقتور آھي، اھو ان حساب سان ڌانڌلي ڪري ٿو ۽ پنھنجي ڪاميابي کي پئسي جي طاقت تي مينيج ڪري وٺي ٿو. اھو نظام جمھوريت دشمن نظام آھي، ان کي ختم ڪرڻ کانسواءِ ملڪ ترقي نٿو ڪري سگھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.