ٿاڻو بولا خان لڳ پيئڻ جي پاڻي لاءِ بور لائين جي افتتاح

ٿاڻوبولاخان ( ن  ع آ ) سماجي تنظيم ٿرديپ پاران ڳوٺ ڪاروخان پالاري ۾ پيئڻ جي پاڻي جي لاءِ بور واٽر سپلائي لائين جي افتتاحي تقريب ٿي گذري ..جنهن  ۾ تعليم کاتي جي ٽي اي  اوسڪينڊري منظور احمد  پنھور، ڊپٽي ڊاريڪٽر لائيواسٽاڪ ڊاڪٽر زوھيب سرور ابڙو، ڊپٽي ڊاريڪٽر سوشل ويلفيئر ڊپارٽمينٽ محمد اڪرم پالاري،ڊسٽرڪٽ مئنيجر نسرين خان،اشوڪ مالهي،تعلقه مئنيجر آصف علي پنهور چيو ته ڪوهستان جي علائقي ۾ پاڻيءَ جي تمام گهڻي تڪليف آهي ، غريب ماڻهو پيئڻ جي پاڻي لاءِ تمام گهڻو پريشان هوندا آهن ان ڳالهه کي نظر ۾ رکندي ڳوٺ ڪارو پالاري ۾ڳوٺاڻن جي نشاندهيءَ تي انھن کي لکين روپين جي ماليت سان مٺي پاڻي جو بورلڳرائي ڏنو آهي جنهن سان ڳوٺاڻن جو پيئڻ جي پاڻيءَ جو مسئلو حل ٿي ويو آهي، جنهن کان پوءِ ڳوٺاڻن ٿرديپ جي ان عمل کي ساراهيندي خوشيءَ جو اظهار ڪيو آهي،هنن وڌيڪ چيو ته ٿرديپ ڪافي سالن کان ڪوهستان جي ڏوراهن علائقن ۾ غريب ماڻهن جي خدمت ڪري رهي آهي.تقريب ۾ مختلف کاتن جي اڳواڻن ،علائقي جي معزز ماڻهن ،صحافين ۽ عورتن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي

مورو ۾ اڳوڻي ٽي ايم او خلاف نوجوان جو احتجاج

مورو  ( ن ع آ ) مورو شھر جي گچيرو روڊ جي رھواسي علي احمد سولنگي احتجاجي مظاھرو ڪندي ٻڌايو ته ھڪ سال اڳ مون کي سابق ٽي ايم او مورو ماجد علي  سيھڙ نوڪري ڏيڻ جو دلاسو ڏنو ۽  مون کان ٻه لک رپيا نوڪري ڏيارڻ جا ورتا پر ھن وقت تائين نوڪري ناھي ملي ۽ مسلسل مون کي دلاسا ڏيندو رھيو ۽ ٽي مھينا پھريان مونکي ھڪ لک 60 ھزار رپين جو چيڪ ڏنو . جيڪو مان بينڪ مان پاس ڪرائڻ لاءِ کڻي ويس ته ان جي اڪائونٽ م ھڪ رپيو به نه ھيو جنھن بعد مون چيڪ تي ميمو لڳرايو آھي

سنڌ هاءِ ڪورٽ پاران گمبٽ جي صحافي عجيب لاکو کي سڪيورٽي فراهم ڪرڻ جو حڪم

ڪراچي (رپورٽر)سنڌ ھاءِ ڪورٽ جي جسٽس ڪي ڪي آغا ۽ جسٽس ڪوثر سلطانه تي ٻڌل ٻه رڪني  بئنچ گمبٽ جي سينيئر  صحافي عجيب لاکو کي سيڪيورٽي مهيا ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. عدالت اهڙو حڪم  عجيب لاکو پاران داخل ڪيل درخواست جي ٻڌڻي ڪندي ڏنو. درخواستگذار  صحافي عجيب لاکو پاران اهو موقف اختيار ڪيو ويو ته سندس خلاف  اڳوڻي ڊي آءِ جي آقبال دارا جي چوڻ تي  20 ڪوڙا ڪيس داخل ڪرايا آهن سندس زندگي کي خطرو آهي کيس تحفظ فراھم ڪيو وڃي . جنهن تي عدالت گهرو کاتي جي سيڪريٽري کي عجيب لاکو کي سيڪيورٽي مهيا ڪرڻ جو حڪم ڏيندي عملدرآمد رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.