قمبر ويجهو پوليس ڪارروائي، سوين شراب جون بوتلون هٿ، 3 جوابدار گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ

قمبر (ت ر)قمبر شهدادڪوٽ روڊ باءِ پاس تي سٽي پوليس جي اي ايس آئي ارباب علي وڌو ۽ ون فاءِ پوليس انچارج منظور سيال جي ڪارروائي ڪار ۾ شراب کڻي ويندڙ  ٽي جوابدار آصف علي خاصخيلي، پرديپ ڪمار ۽ مڪيش ڪمار جن کي سوين شراب جون بوتلن سميت گرفتار ڪري ڪار سميت تحويل ۾ وٺي سٽي ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪري ڇڏيو، پوليس جو چوڻ ته معمول موجب باءِ پاس روڊ تي چيڪنگ ڪندي ڪار مان جوابدارن وٽان شراب پڪڙي سندن سندن خلاف سرڪار جي مدعيت ۾ ڪيس داخل ڪيو ويو جوابدار شراب جون بوتلون جيڪي ڪارٽونن ۾ پيل هيون پوليس ايف آءِ آر ۾ موقف ڄاڻايو ته جوابدارن لاڙڪاڻي کان شهدادڪوٽ شراب وڪري لاءِ کڻي وڃي رهيا هئا ته پوليس ڪارروائي ڪري کين گرفتار ڪيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.