شادي پلي ويجهو ڪرنٽ لڳڻ سبب مينهن ۽ ٻڪري مري ويون

شادي پلي (ن ع آ) شادي پلي ويجهو ڳوٺ ڌار پلي ۾ گذريل ڪيترن ئي مهينن کان زمين تي ڪريل بجلي جون يارهن هزار وولٽ وارين  تان ۾ ڳوٺاڻن نواز ساند جي ڀلوڙ نسل جي مينهن ۽ غريب پورهيت شيوو ڪولهي جي ٻڪري ڦاسي ڪرنٽ لڳڻ سبب مري ويون ۔ ڳوٺاڻن ٻڌايو ته ڪيترن ئي مهينن کان بجلي جا کنڀا ڪريل آهن ۽ تارون به زمين تي پيل آھن، حيسڪو عملدارن کي ڪافي ڀيرا دانهون ڏنيون ته ڪريل تارون ۽ کنڀا لڳائي ڏنا وڃن ته ڪو جاني ۽ مالي نقصان نه ٿئي پر ڪو به ڌيان نه ڏنو ويو، اڄ واپڊا جي نااهلي سبب ڏيڍ لک جي ڀلوڙ نسل جي مينهن ۽ 20 هزار روپين جي ٻڪري هلندڙ بجلي دوران ڪريل تارن ۾ ڦاسي ڪرنٽ لڳڻ سبب مري ويون آهن. ڳوٺاڻن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو آهي ته غفلت ڪندڙ حيسڪو عملدارن خلاف ڪارروائي ڪري بنا دير ڪريل تارون لڳائي ڏنيون وڃن ته جيئن ٻيهر ڪنهن اڻوندڙ واقعي کان بچي سگهجي ۽ گڏ نقصان جو ازالو پڻ ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.