راڻيپور لڳ مختلف هنڌن تي ڇاپا، نقاش علي شاهه گرفتار، جيل حوالي

راڻيپور ( ن ع آ ) راڻيپور پوليس مختلف هنڌن تي ڇاپا هڻي بغير لائسنس ٻه پسٽل هٿ ڪري ورتا،صدام حسين سرڪي فرار  ۽ نقاش علي شاهه کي گرفتار ڪري  ڪيس داخل ٿيڻ کانپوءِ کيس جيل موڪليو ويو آهي.

راڻيپور لڳ ڏوهاري گهر ۾ داخل، مزاحمت تي فرار

راڻيپور  ( ن ع آ ) راڻيپور جي سرڪاري اسپتال ڪالوني ۾ رهائشي وارڊ بواءِ لياقت سهتو جي گهر ۾ ڏوھ جي ارادي سان هٿياربند داخل ٿيا ته گهر ڌڻي سجاڳ ٿي  پيا سندن مزاحمت تي جوابدار فرار ٿي وڃڻ ۾ ڪامياب ويا اسپتال عملي پاران واقعي خلاف ايم ايس ڊاڪٽر قدم علي ڄامڙو، ڊاڪٽر علي وساڻ، غلام اصغر ملاح، دين محمد پتافي ، لياقت سهتو ۽ ٻين جي اڳواڻئ ۾ او پي ڊي جو مڪمل بائيڪاٽ ڪري سخت احتجاجي مظاهرو ڪيو انهيءَ موقعي تي هنن چيو ته اسپتال جي ڪالوني اندر رات جي اونداهي ۾ اهڙو واقعو پيش اچڻ مذمت جوڳو عمل آهي ۽ عملي کي معصوم ٻچن سميت تحفظ فراهم ڪري ۽ جوابدارن کي جلد گرفتار ڪيو وڃي . هوڏانهن لياقت سهتي جي فرياد تي راڻيپور ٿاڻي ۾ گناهه نمبر 121 2020 قلم 451,2 تحت صدام حسين سرڪي ۽ ٻه اڻسڃاتل سميت ٽن جوابدارن مٿان ڪيس داخل ڪيو ويو جڏهن ته آخري اطلاعن تائين ڪنهن به جوابدار جي گرفتاري عمل ۾ اچي نه سگهي آهي.

واهي پانڌي ۾ چوريون وڌي ويون، چور  11 ٻڪريون ڪاهي ويا

واهي پانڌي ( ن ع آ  ) واهي پانڌي ۾ چورين تي ضابطو نه آيو چورن علائقي ۾ رڻ ٻاري ڏنو رات دير سان ڳوٺ پير بخش لاشاري جي اولهه واري پاڙي مان نامعلوم چور سيوو ٻٻر جي گهر مان 11 ٻڪريون ڪاهي ويا فرار  ٿي ويا جڏهن ته پوليس چورن کي پڪڙڻ مڪمل طور ناڪام بڻائي وئي آهي ان حوالي سان ڪاڇي جي سياسي سماجي اڳواڻن وقار مستوئي، ظفر رستماڻي،ڀائي خان ۽ ٻين جو چوڻ آهي ته واهي پانڌي ۽ آس پاس ڳوٺن ۾ بدامني چوٽ چڙهي وئي آهي چوريون روز معمول بڻيل آهن گذريل 10 ڏينهن ۾ 15 کان وڌيڪ چوري جون وارداتون ٿي ويون آهن چورن تر ٻاري ڏني آهي پر پولیس امن امان ڪرائڻ ۾ مڪمل طور تي ناڪام ٿي وئي هنن ايس ايس پي دادو کان مطالبو ڪيو ته ايس ايڇ او واهي پانڌي کي هٽائي سندس جاءِ تي ايماندار ايس ايڇ او مقرر ڪري چوري ٿيل سامان واپس ڪرايو وڃي ٻئي صورت تحريڪ هلائي ويندي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.