ڪراچي مان نئين دمبالي ڳوٺ ويندڙ نوجوان رستي مان گم،احتجاج

ڊگهڙي (ن ع آ) نئون دمبالو ڀرسان ڳوٺ حاجي غني آرائين جي رهواسي ٻڍو ڀيل پريس ڪلب ڊگهڙي ۾ صحافين اڳيان دانهيندي  چيو ته منهنجو شادي شده نوجوان پٽ پيرو ڀيل ڪراچي ۾ خانڳي سيڪيورٽي جي ڪمپني ۾ سيڪيورٽي گارڊ جي ڊيوٽي ڪندو هو جيڪو،ڀيڻ جي شادي ۾ شريڪ ٿيڻ لاء گذريل سومر واري ڏينهن ڪمپني مان موڪل وٺي ڪراچي کان ڳوٺ طرف روانو ٿيو ٻه ڏينهن گذرڻ باوجود اڃان تائين گهر ناهي پهتو سندس موبائل نمبر پڻ بند آهي جنهنڪري سندس معصوم ٻارڙا ۽ گهرڀاتي سخت پريشان آهن گهڻي ڳولا باوجود اڃان تائين ملي ناهي سگهيو هن آئي جي سنڌ ۽ ٻين وسوارن کان مطالبو ڪيو ته منهنجي پٽ جي ڳولا ۾ منهنجي مدد ڪئي وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.