ڪارونجهر جي ڪٽائي خلاف احتجاجي مارچ روان دوان، مزاحمت جو اعلان

مٺي (رپورٽ:غازي بجير) ڪارونجهر جي ڪٽائي،ڊيمن مان پاڻي چوري ڪرڻ،گگرال کي ٽُڪي ختم ڪرڻ خلاف ۽ پسمانده آديواسي قبيلن جي بنيادي حقن ۽ ٿرپارڪر جي سونهن بچائڻ لاءِ سنڌ ڪولھي اتحاد  جي چيئرمين ايڊووڪيٽ رڻشال ڪولھي،ماوجي مل،ڀرمي ٻائي،ڀاگي شري،ڪامريڊ ڪيول ڪولھي جي اڳواڻي ۾ شھيد روپلو ڪولھي جي يادگار ننگرپارڪر کان نڪتل پيادل لانگ مارچ قافلو سئو ڪلو ميٽر پيادل پنڌ ڪري اسلام ڪوٽ پهچي ويو،قافلي جي وچ رستي ۽ شهر پهچڻ تي شاندار آجيان ڪري گلن جي ورکا ڪئي ويئي،شهر ۾ ڪامريڊ روپلوڪولهي،نرمل ڀيل،ريوو ڪولھي،نندلال ٿري ۽ ٻين قافلي جي اڳواڻن کي هار پارائي گلن جي ورکا ڪئي،اُنهي موقعي تي اڳواڻن صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته ڪارونجهر سنڌ جو تاريخي ورثو آهي،ڪارونجهر امر روپلي ڪولهي جي نشاني آهي،ڪارونجهر جبل انگريزن جا ڏنڌ کٽا ڪيا،اُنهي کي سنڌ حڪومت پاران ڪٽي ليز تي ڏيڻ وارو فيصلو ڪنهن به صورت ۾ قبول ناهي،ڪارونجهر کي بچائڻ خاطر اسان پنهنجو سِر به ڏيڻ لاءِ تيار آهيون پر ڪارونجهر جي ڪٽائي ته پري جي ڳالهھ اسان هڪ هڪ پٿر به کڻڻ نه ڏينداسين،ڪارونجهر کي نيشنل پارڪ جو درجو ڏيئي محفوظ ڪيو وڃي. هنن چيو ته ٿرپارڪر ۾ اينيمي پراپٽي هيٺ آيل زمينن جا مقامي قبضيدار لينڊ ليس ماڻھڻ کي مالڪاڻا حق ڏنا وڃن.پسمانده آديواسي شيڊيولڊ ڪاسٽ برادرين جي قبرستانن ۽ زمينن تان قبضا فوري طور ختم ڪرايا وڃن، مخصوص سيٽون ختم ڪري ٻٽي ووٽ جو حق ڏنو وڃي ۽ شيڊيولڊ ڪاسٽ ڪوٽا بحال ڪئي وڃي،هنن جو وڌيڪ چوڻ هو ته پسمانده آديواسي شيڊيولڊ ڪاسٽ برادرين جي مستقل رهائش لاءِ زمين مختص ڪري ڏني وڃي،شھيد روپلو ڪولھي جي اصل وارثن جي مالڪي ڪري انهن کان نئون ڪوٽ قلعي ويجهو مختيارڪار مٺي پاران خالي ڪرايل پلاٽ واپس ڏياريا وڃن،شھيد روپلو ڪولھي جي يادگار جو ڪم مڪمل ڪرائي قبضا ختم ڪرايا وڃن،ڪارونجهر سميت سمورين ٽڪرين کي ليز تي ڏيڻ بند ڪري پارڪر جي ريتي ۽ بجري کي مقامي ماڻھن جي گھريلو استعمال ڪرڻ تان پابندي ختم ڪئي وڃي،اسان هنن سمورن بنيادي مسئلن خلاف ننگرپارڪر مان پيادل لانگ مارچ 16 نومبر تي شروع ڪيو هو،جيڪو اسلام ڪوٽ پهتو،جتان منزل مٺي ڏانهن آهي،اڄ مٺي پهچي ڌرڻو هڻنداسين،اسان جا اگر مطالبا تسليم نه ٿيا ته سي ايم هائوس آڏو ڌرڻو هڻنداسين.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.