گهوٽڪي ۾مغوي کي گوليون هڻڻ بعد آپريشن، ڪيترائي شڪي گرفتار

گهوٽڪي(ڊ ر) ڏهرڪي جي مغوي کي ڀنگ نه ملڻ تي گوليون هڻي اڇلائڻ بعد گهوٽڪي پوليس جو ڪچي ۾ آپريشن، چوري  ٿيل 3 مينهون هٿ،ڪيترائي شڪي گرفتار، خبرن موجب ڏهرڪي واسي مغوي سڪندر ميراڻي کي ڀنگ نه ملڻ تان گوليون هڻي زخمي ڪرڻ واري واقعي بعد گهوٽڪي پوليس ڪچي جي علائقي ۾ آپريشن شروع ڪري ڇڏيو آهي، ڊي ايس پي حافظ عبدالقادر چاچڙ جي اڳواڻي ۾ اي سيڪشن، آندل سندراڻي، سرحد ۽ ٻين ٿاڻن جي پوليس آپريشن ۾ حصو وٺي رهي آهي، پوليس ذريعن موجب بهاول سندراڻي، سبحان سندراڻي ۽ قينچي سندراڻي جي گهرن تي چڙهائي ڪئي وئي، جنهن دوران چوري ٿيل 3 مينهون هٿ ڪيون ويون، جڏهن ته ڪابه گرفتاري عمل ۾ نه اچي سگهي، ذريعن موجب پوليس شڪ ۽ عيوضي جي بنياد تي ڪجهه ماڻهن کي حراست ۾ ورتو آهي، جن کي مختلف ٿاڻن تي منتقل ڪيو ويو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.