روهڙي جو مغوي پورهيت آزاد نه ٿيو، وارثن جو احتجاج، پوليس خلاف دانهون

سکر(رپورٽ:شفيع محمد ابڙو) روهڙي جي علائقي وڏي پٽڻي مان 2 سال اڳ مبينا طور تي اغوا ٿي ويل محمد دين ڊنڊڻ کي سکر پوليس بازياب نه ڪرائي سگهي، مغوي جي وارث ماءُ امير زادي ۽ ڀيڻ روزينا  صحافين آڏو دانهيندي چيو ته 2 سال اڳ محمد دين کي ذوالفقار ڊنڊن، مٺو، فهميدا ڊنڊڻ، عارف ميراڻي، عبدالله ميراڻي ۽ رافع ميراڻي وارن معمولي جھيڙي سبب اغوا ڪرڻ بعد گم ڪري ڇڏيو آهي، واقعي جو ڪيس حد جي ٿاڻي تي داخل هجڻ باوجود پوليس جوابدارن خلاف ڪاروائي ڪرڻ بجاءِ سندن ٻٽ بڻيل آهي، هنن دانهيندي چيو ته اغوا ٿي ويل محمد دين ڊنڊن جي گهرواري عابده ڊنڊن ٽن ٻارن سميت گهران نڪري ذوالفقار ڊنڊڻ سان پسند جو پرڻو ڪيو هو، جنهن بعد اسان جو ذوالفقار ڊنڊڻ وارن سان ناراضگي هلندڙ هئي، جنهن تي جوابدار ذوالفقار ڊنڊڻ مٺو، فهميده ڊنڊڻ، عارف ميراڻي، عبدالله ۽ رافع ميراڻي وارن پاڻ ۾ هم صلاح ٿي دوکي سان محمد دين کي اغوا ڪرڻ بعد گم ڪري ڇڏيو آهي، محمد دين جي بازيابي لاءِ سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر پاران پوليس کي حڪم ڪرڻ باوجود پوليس مغوي کي بازياب نه ڪرائي سگهي آهي جنهنڪري اسان کي خدشو آهي ته جوابدارن ذوالفقار کي قتل ڪري ڇڏيو آهي ۽ پوليس رشوت عيوض سندن ساٿاري بڻيل آهي، هنن چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ، آءِ جي سنڌ، ايڊيشنل آءِ جي سکر ۽ ايس ايس پي سکر کان مطالبو ڪيو ته جوابدارن خلاف ڪاروائي ڪري ٻن سالن کان اغوا ٿي ويل محمد دين کي بازياب ڪرائي اسان کي انصاف ۽ تحفظ فراهم ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.