گولاڙچي مان کنڀي ڪم ڪيل پورهيت آزاد نه ٿيو، احتجاج

گولاڙچي  ( ت ر ) گولاڙچي شهر مان کنڀي گم ڪيل پورھيت سومار ملاح کي پنج مھينا گذري ويا سندس پتو نه پيو، ملاح برادري  ۽ سول سوسائٽي پاران 152 ڏينهن پڻ ڪراچي روڊ کان احتجاجي ريلي ڪڍي شهيد فاضل راهو چوڪ تي ڌرڻو هڻي ويهي رهيا، جنهن بعد احمد راڄو روڊ تي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، انھي موقعي تي بلاول ملاح، غلام نبي ملاح، انور شاھاڻي، شھباز شاھاڻي ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو تہ سومار ملاح کي پنج مھينا گذري ويا آهن جنهن جو ڪو ڏس پتو ناھي پيو، سومار ملاح جي ماءُ پنهنجي هڪ بيان ۾َروئيندي چيو ته خدارا منهنجي پٽ کي آزاد ڪريو انتظار ڪري آءِ بيمار ٿي پئي آهيان، چيف جسٽس ۽ انساني حقن جون تنظيمون نوٽيس وٺن

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.