ڄامشوري ۾ بدامني، پوليس زيادتين خلاف شهرين ۽ دڪاندارن جو ڌرڻو

ڄامشورو ( ڊ ر ) ڄامشورو ۾ وڌندڙ بدامني ۽ پوليس جي زيادتين خلاف دڪاندارن ۽ شهرين طرفان احتجاجي مظاهرو ڪري ڄامشورو حيدرآباد روڊ تي ٽن ڪلاڪن تائين ڌرڻو هنيو ويو، شهر جي بابري  مسجد وٽ احتجاجي مظاهري ۾ شهر جي دڪاندارن، سياسي، سماجي، علمي ۽ ادبي تنظيمن جي اڳواڻن توڙي شهرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، دڪاندار يونين جي اڳواڻن غلام اصغر ناريجو، ظهير احمد ڪانڌڙو، سيٺ چيتن ڪمار، ڏاڏا مرتضيٰ سنجراڻي،  ۽ ٻين  چيو ته ته ڄامشورو ۾ پوليس جي آشيرواد سان چورن شهر  ۾ رڻ ٻاري ڏنو آهي، چوريون، ڦرون ۽ ڌاڙا عروج تي آهن ، پوليس دڪاندارن کي بنا ڪنهن ڏوهه جي تنگ ڪري رهي آهي، جنهن جو مثال شريف شهري ۽ دڪاندار مريد گاڏهي جي دڪان تي ڄامشورو پوليس ڌاڙيلن جيان چڙهائي ڪري دڪان تي ويٺل نوجوان محمد عثمان گاڏهي ۽ ان جي مزدورن تي تشدد ڪرڻ ۽ محمد عثمان گاڏهي کي گرفتار ڪري مٿس ڪوڙو ڪيس داخل ڪرڻ آهي،.  چيف جسٽس، آءِ جي سنڌ ۽ ايس ايس پي ڄامشورو نوٽيس وٺي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.