”مهانگائي ڇو؟“ حيدرآباد ۾ پورهيتن جي ريلي، ڌرڻو

حيدرآباد (رپورٽر) گورنمينٽ ايمپلائيز گرينڊ الائينس جي سڏ تي مهانگائي، بيروزگاري، سرڪاري ادارن جي نجڪاري ۽ مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو، حيدرآباد ۾ مختلف سرڪاري  کاتن جي سرڪاري ملازمن جي جوڙيل گورنمينٽ ايمپلائيز گرينڊ الائنس جي سڏ تي ڪالهه مختلف تنظيمن پاران گل سينٽر کان حيدرآباد پريس ڪلب تائين احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو. ڌرڻي ۾ گورنمينٽ سيڪينڊري ٽيچرس ايسوسيئيشن (گسٽا) آل پاڪستان ڪلرڪ ايسوسيئيشن سنڌ (آپڪا) آل پاڪستان واپڊا ايمپلائيزيونين، آل سنڌ لوراسٽاف ايسوسيئيشن سميت ٻيون تنظيمون احتجاج ۾ شريڪ ٿيون. ان موقعي تي احمد علي سولنگي، اشرف بوزئي، ساجن پنهور، يونس خان،  عيسيٰ سنگراسي، شهزاد خرم ۽ ٻين چيو ته وفاقي حڪومت ۽ سنڌ حڪومت جي ناص پاليسين سبب سنڌ جا شهري توڙي ملڪ جي عوام مهانگائي، بي روزگاري کي منهن ڏئي رهي آهي.  مهانگائي سبب ملازم پيشا ماڻهن سميت ڏهاڙي تي ڪم ڪندڙ پورهيت بک ۽ بدحالي جو شڪار ٿي ويو آهي. گذريل اڍائي سالن دوران ٿيل مهانگائي ماضي جا سڀ رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا آهن. وفاقي حڪومت پاران وڏن قومي ادارن کي خانگائڻ جا منصوبا تيار ڪري رهي آهي، جنهن سان هڪ طرف مهانگائي ۽ بي روزگاري جو طوفان ايندو ته ٻي طرف ادارن جي ڪارڪردگي سخت متاثر ٿيندي. هنن چيو ته صوبائي کاتن جا ملازمن پنهنجي مطالبن جي مڃتا لاءِ سرپا احتجاج آهن پر سنڌ حڪومت جون بدانتظاميون جاري آهن جنهن سبب ملازمن جو مستقبل داءُ تي لڳي ويو آهي.ملازم پگهارون، الائونس، ڪچا ملازم پنهنجي پڪو ٿيڻ جو انتظارڪريو جي پاليسي تي هلي رهيا آهن.استاد احتجاج ڪرڻ باوجود انهن کي ٽائيم اسڪيل نه ٿو ڏنو وڃي. پگهارن ۾ واڌارو، جي اي ايس ٽي ۽ اي سي ٽي جي استادن کي گذريل 11 مهينن کان پگهارناهي ملي، هنن چيو ته ملڪ ۾ ڏينهون ڏينهن مهانگائي زور وٺندي پئي وڃي اسان کي به پنهنجي ٻچن جو پيٽ پالڻو آهي، ڪانٽريڪٽ تي جيڪي ملازم ڪم ڪري رهيا آهن هنن مطالبو ڪيو ته سرڪاري ملازمن جا مسئلا حل ڪري مهانگائي ۽ بي روزگاري تي ضابطو آندو وڃي.17

بدين ۾ مهانگائي چوٽ چڙهيل، ورڪرز يونين  پاران مظاهرو

بدين ( ڊ ر ) بدين سميت ملڪ ۾ عام واهپي جي شين جي اگهن ۾ مهانگائي خلاف سنڌ ايگريڪلچرل ورڪرز يونين پاران شاھ نواز  چوڪ کان ايوان صحافت بدين جي سامھون احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. احتجاج جي اڳواڻي ڪندڙ ناصر منصور، لال بخش سٺيو ۽ موهن ڪولهي  گڏ ٿيندڙ سوين ماڻهن کي خطاب ڪندي چيو ته حڪومت ملڪ ۽ عام واهپي جي شين ۾ ڳاٽي ٽوڙ مهانگائي ڪري غريب عوام جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي، هنن چيو ته مهانگائي سبب غريب ماڻهو خودڪشي ڪرڻ تي مجبور آهن. اعليٰ اختياريون نوٽيس وٺن،

اسلام ڪوٽ ۾ مهانگائي خلاف احتجاجي مظاهرو

مٺي (بيورو) سنڌ جي ٻيٽن تي وفاق جي قبضي ۽ ملڪ ۾ مهانگائي،بيروزگاري خلاف سنڌ ايگريڪلچر جنرل ورڪر يونين ۽ نيشل  ٽريڊ يونين فيڊريشن پاران هارين يونين جي اڳواڻ ڪامريڊ موتي رام مارواڻي،اين ٽي يو ايف اڳواڻ ناصر منصور،لال بخش سٺيو،خميسو ڀيل،منگهو ڀيل،امولک ميگهواڙ،رانجهو بجير،منٺار مهراڻپوٽو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي،ريلي شهر جو گشت ڪندي پريس ڪلب پهتي،جتي احتجاج ڪندڙن پاران ڌرڻو هنيو ويو،اُنهي موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي اڳواڻن چيو ته وزيراعظم عمران خان تبديلي جو نعرو هنيو،جيڪو ناڪام ٿي چڪو آهي،تبديلي ته ٺهيو ماڳهين ماڻهن کي هڪ ويلي جي روٽي نه ٿي ملي،ايتري مهانگائي ڪئي ويئي آهي جو ماڻهو بکون ڪاٽڻ تي مجبور ٿي ويا آهن،کاڌي پيتي جي شين سان گڏ دوائون به مهانگيون ڪيون ويون آهن ماڻهن کان جيئڻ جو حق به کسيو ويو آهي،ڇا هي آهي تبديلي،سنڌ ڳاٽي ٽوڙ مهانگائي غريب پورهيت طبقي جي چيلھ چٻي ڪري ڇڏي آهي، اٽو،کنڊ مهانگا آهن،هنن چيو ته سنڌ جي ٻيٽن تي سنڌ عوام جي مرضي کانسواءِ قبضو ڪيو پيو وڃي جيڪو ڪنهن به صورت ۾ قبول ناهي، قبضو ختم ڪيو وڃي.

ميرپورخاص ۾ چڪي مالڪن جو احتجاجي مظاهرو

ميرپورخاص (بيورورپورٽ) ميرپورخاص ضلعي جي مختلف شهرن جي اٽي جي چڪين جي مالڪن پاران خوراڪ کاتي جي  ڪامورن پاران سرڪاري ڪڻڪ جي عدم فراهمي، اٽي جي چڪين تي ڇاپا هڻي ڏنڊ لڳائڻ، ڊپٽي ڪمشنر جي واعدي باوجود مقرر ڪيل ڪوٽا اضافو نه ڪرڻ خلاف عمرڪوٽ روڊ کان ميرپورخاص پريس ڪلب تائين احتجاجي ريلي کڻي پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو، مظاهري کي خطاب ڪندي اڳواڻن محمد رفيع، گل محمد، محمد آصف، نسيم الدين، رفيق چوهاڻ، فيضان کتري، طاهر ملڪ ۽ ٻين چيو ته  ڊپٽي ڪمشنر ميرپورخاص سلامت ميمڻ سان ٿيل 12 نومبر 2020 تي ٿيل اجلاس ۾ ڊپٽي ڪمشنر ميرپورخاص خاطري ڪرائي هئي ته ميرپورخاص ضلعي جي چڪين کي پڻ ٿرپارڪر ۽ عمرڪوٽ جي چڪين جيان ڪڻڪ جي ڪوٽا وڌائي ڏني ويندي.  جنهن تحت ميرپورخاص ضلعي جي چڪين کي ملندڙ 18 ڪڻڪ جي ٻورين مان وڌائي 58 ڪڻڪ جون ٻوريون ڪيو ويو هو پر ان باوجود خوراڪ کاتي پاران ڪڻڪ جي ڪوٽا وڌائي نه ويئي آهي خوراڪ کاتي پاران 18 ٻوريون فراهم ڪري چيو وڃي ٿو ته سستي اگھن تي اٽي جي فراهمي ڪئي وڃي جڏهن ته اٽي جي چڪين کي انهي ڪوٽا مان پورت نه ٿي ٿئي جنهن ڪري مهانگي اگھن تي اوپن مارڪيٽ مان ڪڻڪ خريد ڪري اٽو وڪرو ڪري رهيا آهيون جنهن تي اسسٽنٽ ڪمشنر اسان جي چڪين تي ڇاپا هڻي ڏنڊ لڳائي رهيا آهن جيڪا ناانصافي آهي جڏهن ته فلور ملن جا مالڪن خوراڪ کاتي کان سستي اگهن تي ڪڻڪ وٺي انهي ڪڻڪ کي اوپن مارڪيٽ ۾ مهانگي اگھن تي ڪڻڪ وڪرو ڪري رهيا آهن جن کان ڪو به پڇڻ وارو ناهي. هنن چيو ته جيڪڏهن اسان کي شهر جي ضرورت موجب ڪڻڪ جي فراهمي ڪئي وڃي ته اسين سرڪاري اگھ تي اٽو وڪرو ڪرڻ لاءِ تيار آهيون پر اوپن مارڪيٽ مان مهانگي اگھن تي ڪڻڪ خريد ڪري سستي اگھ تي اٽو وڪرو ڪرڻ ناممڪن آهي هنن اختيارين کان مطالبو ڪيو ته ميرپورخاص ضلع جي اٽي جي چڪين جي ڪوٽا به ٿرپارڪر ۽ عمرڪوٽ جيتري ڪئي وڃي ڇاڪاڻ ته ميرپورخاص ضلع جي آبادي ٿرپارڪر ۽ عمرڪوٽ ضلع کان وڌيڪ آهي ۽ بنا ڪنهن وجھه جي اسسٽنٽ ڪمشنرن پاران اٽي جي چڪين تي ڇاپن جو سلسلو بند ڪيو وڃي ٻيصورت ۾ پوري ضلع ۾ اٽي جي چڪي وارا پنهنجيون چڪيون بند ڪري سخت احتجاج ڪرڻ تي مجبور ٿيندا.

ڳڙهي خيري ۾مهانگائي وڌي وئي، عام واهپي جي شين جا اگهه ٻيڻا

ڳڙھي خيرو(ن ع آ) "تبديلي سرڪار” عام واھپي جي شين ۾ اضافو ڪري مھانگائي جا رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا، حڪومت عام واھپي جي شين, سبزين ۽ دوائن ۾ رڪارڊ اضافو ڪري عوام جي چيلھ چٻي  ڪري ڇڏي، مھانگائي سبب عوام پريشان، ڳڙھي خيرو ۾ دڪاندار سبزي, ڪڻڪ جو اٽو, کنڊ سميت عام واھپي جي شين ۾ اضافو ڪري ڇڏيو, غريب ھڪ ويلو ماني کائڻ لاء به پريشان, ڳڙھي خيرو ۾ مرغي جو گوشت 400 روپيه ڪلو وڪرو،  مھانگائي عوام جي ڇيلھ چٻي ڪري ڇڏي, عوام مھانگيون شيون خريد ڪرڻ تي مجبور, حڪومت پاران مھانگائي تي  ڪنٽرول ڪرڻ ۾ ناڪام , ڳڙھي خيرو ۾ دڪاندار عام واھپي جي شين ۾ من پسند ريٽ مقرر ڪري ڇڏيا, ڪڻڪ جو في ڪلو اٽو 60 روپيه, کنڊ 110 روپيه, پيور تيل في لٽر 230 روپيه, چانور 86 نمبر. 120 روپيه, چڻن جي دال 200 روپيه, مڱ دال 320 روپيه, ڪريلا 120 روپيه, بصر 100 روپيه, ٽماٽر 200 روپيه, پٽاٽا 60, توري 80 روپيه, گوبي 80 روپيه, ميھا 80 روپيه, انب 200 , ننڍو گوشت ڇيلو 1000 روپيه, مرغي جو گوشت 400 روپيه, مڇي 400 روپيه, وڏو گوشت 450 روپيه وڪرو ٿي رھيو آھي, جڏھن حڪومت دوائن ۽ عام واھپي جي شين ۾ رڪارڊ اضافو ڪري ڇڏيو آھي، مھانگائي سبب عوام جي پريشاني ۾ اضافو ٿي ويو آھي, وفاقي حڪومت  مھانگائي ۾ رڪارڊ اضافو ڪري عوام جي چيلھ چٻي ڪري ڇڏي آھي، مھانگائي سبب عوام جي پريشاني ۾ اضافو ٿيڻ لڳو.

خانپور مهر ۾ غريب ڳوٺاڻن کي مفت اٽو فراهم

خانپورمهر (ت ر) تعلقي انتظاميه خانڳڙھ جو ساراه جوڳو عمل سامهون آيو آهي شهر توڙي ٻاهراڙي جي علائقن ۾ اٽو مهانگي اگهه تي وڪرو ٿيڻ جي شڪايتن  بعد تعلقي انتظاميه خانپورمهر جي مختيارڪار آفيس ۾ سستي اٽي جو اسٽال قائم ڪري ڇڏيو آهي جتي 10ڪلو جو اٽي جو ٿيلهو 400سو روپين ۾ غريب ماڻهن ۾ وڪرو ڪيو پيو وڃي مهانگي اٽي جون ٻاهراڙي جي علائقن مان شڪايتون اچڻ بعد اسٽنٽ مختيارڪار خانڳڙھ سجاد ڪلوڙ سستي اٽي جي ٿيلهن جو ٽريڪٽر ٽرالي ڀري شاهپورمهر ،لوهي ،ڀيٽور ،۽ ٻين علائقن ۾ پهتو جتي 500سو کان وڌيڪ اٽي جا ٿيلها غريب ماڻهن ۾ سستي اگهه تي وڪرو ڪيا ويا ان سلسلي ۾ اسسٽنٽ مختيارڪار خانڳڙھ سجاد ڪلوڙ ٻڌايو ته ڊي سي گهوٽڪي، اي سي خانڳڙھ ۽ مختيار ڪار خانڳڙھ جي ھدايتن تي خانڳڙھ تعلقي ۾ سستو اٽو وڪرو ڪرڻ جو عمل شروع ڪيو ويو آهي.  خانپورمهر مختيارڪار آفيس ۾ سستي اٽي جو اسٽال لڳائڻ سميت ٻاهراڙي جي غريبن ماڻهن تائين سستو اٽو پهچائڻ لاء ٽريڪٽر ٽرالي ڀري ڳوٺن ۾ پهتا آهيون اٽي جا 500 سو ٿيلها غريب ماڻهن ۾ سستي سرڪاري اگهه تي ورهائي چڪا آهيون اهو عمل سموري تعلقي ۾ جاري رکندا سين هوڏانهن ٻهراڙين جي غريب ماڻهن انتظاميه جي هڙي عمل جي ساراه ڪئي آهي جنهن سان غريب ماڻهن کي رليف ملي رهيو آهي

ڪراچي ۾ آنا مهانگا، گوشت به 430 رپيا في ڪلو ٿي ويو

ڪراچي/لاهور ( م ڊ ) ڪيترن مهينن کان اٽي ۽ کنڊ جي اگهن ۾ واڌو قيمتون ادا ڪندڙ هاڻي ڪڪڙجي آنن جي واڌو قيمتن جو به بار برداشت ڪندا. ڊان اخبار جي رپورٽ موجب ڪراچي ۾جيئري فارمي ڪڪڙ 260 کان 270 رپيا في ڪلو ۾ وڪرو  ٿي رهي آهي، جڏهن ته بنا جيرن ۽ گُجين جي گوشت 420 کان 430 رپين ۾ وڪرو ٿيو، جيڪو گذريل هڪ مهيني دوران 100 رپيا وڌيڪ هو. ان کان علاوه لاهور ۾ به مرغي جو گوشت 320 رپيا في ڪلو وڪرو ٿيو، جيڪو گذريل هفتي جي ڀيٽ ۾ 50 رپيا مهانگو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.