ڏوڪري جي هٽايل ۽ مقرر ڪيل ٽي اي او ۾ڇڪتاڻ، ڪاروهنوار ٺپ

ڏوڪري (ت ر)  ڏوڪري ۾ تعلقي ايجوڪيشن آفيسر جي ڪرسي تان هٽايل ۽ مقرر ڪيل ٽي اي او ۾ ڇڪتاڻ وڌي وئي آهي ان ڏس  ۾ هٿ ڪيل معلومات موجب  پنج ڏينھن اڳ ڏوڪري  جي تعلقي ايجوڪيشن آفيسر محمد عثمان کوکر کي هٽائي کيس باهو کوسو اسڪول جو هيڊ ماستر مقرر ڪيو ويو جڏهن ته سندس جاءِ تي سيد رياض حسين شاه کي ڏوڪري جو نئون تعلقي ايجوڪيشن آفيسر مقرر ڪيو ويو،تعليم کاتي جي اختيارين اھڙو نوٽيفڪيشن به جاري ڪري ڇڏيو آهي. هوڏانهن پنج ڏينهن گذري وڃڻ باوجود تعليم کاتي جو سمورو ڪاروهنوار ٺپ بڻجي ويو آهي، نئين مقرر ڪيل ٽي او کي اڃا تائين چارج نه ملي سگهي آهي، هٽايل ٽي او چارج ڇڏڻ کان مبينا طور انڪاري  بڻيل آهي جنهن ڪري آفيسرن ۾ ڇڪتاڻ وڌي وئي آهي.  ٻنهي ڄڻن آفيس کي  پنهنجا پنهنجا تالا لڳائي ڇڏيا آهن ، نئون مقرر ٿيل ايجوڪيشن آفيسر رياض حسين شاه آفيس پهتو  واپس وڃڻ کان پوءِ گذريل رات جو هٽايل ٽي او محمد عثمان کوکر مبينا طور آفيس جي تالي جي مٿان  وري پنهنجو تالو لڳائي ڇڏيو آهي. جڏهن ته نئين مقرر ڪيل ٽي او پاران آفيس کي غير قانوني طور تالا هڻي بند ڪرڻ وارن ماڻهن خلاف ڪارروائي ڪرڻ  لاءِ پوليس کي درخواست ڏني وئي آهي ڊي ايس پي ڏوڪري مشتاق احمد قريشي ۽ ٻين کي درخواستون ڏنيون ويون آهن  هوڏانهن نئين مقرر ٿيل آفيسر سيد رياض حسين شاه جو چوڻ آهي  ته کيس سرڪار پاران تعلقي ايجوڪيشن آفيسر مقرر ڪيو ويو آهي ۽ تعليم کاتي جي اختيارين نوٽيفڪيشن به جاري ڪري ڇڏيو آهي ان جي باوجود 5 ڏينهن کان کيس چارج نه ٿي ڏني وڃي غير قانوني طور آفيس کي تالو هنيو ويو آهي جنهن جي اسان پوليس آفيسرن ۽ تعليم کاتي جي اختيارين کي آگاهي ڏئي ڇڏي آهي هوڏانهن هٽايل تعلقه ايجوڪيشن آفيسر محمد عثمان کوکر جو چوڻ هو ته مون آفيس کي ڪوبه تالو نه هنيو آهي الزام اجايا آهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.