خيرپور لڳ معذور عورت جي واهر نه ٿي، علاج ۾ مدد جي اپيل

خيرپور (ڊر) پوليو ۾ معذور بڻيل پيرسن عورت جي انتظاميه ڪابه سار نه لڌي سار نه لڌي، علاج ۾ مدد جي اپيل. تفصيل مطابق  تعلقه ڪنگري جي ڳوٺ محمد يعقوب مڱڻيجو جي رهواسڻ پيرسن عورت مسمات صدوران زال مولا بخش مڱڻيجو پوليو سبب معذور بڻجي ويئي آهي ۽ انتظاميه کي مدد جي اپيل ڪرڻ باوجود سندن ڪابه مدد ناهي ٿي سگهي. معذور بڻيل عورت مسمات صدوران جي مڙس مولا بخش مڱڻيجو صحافين آڏو دانهيندي چيو ته هو مزدوري ڪري پيٽ گذر ڪندو آهي ۽ سندس جي معذور زال مسمات صدوران جو غربت سبب علاج نٿو ڪرائي سگهي. هن خيرپور جي انتظاميه توڙي سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن کي اپيل ڪندي چيو ته هو سندن مدد ڪن جيئن هو پنهنجي معذور زال جو علاج ڪرائي سگهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.