ڪامريڊ اظهر جتوئي جي لاڏاڻي تي اسين سڀ سوڳوار آهيون

ايڊيٽوريل

وامي آواز ميڊيا گروپ، ڪامريڊ اظهر جتوئي جي ڪالهه صبح دل جي دوري سبب ٿيل لاڏاڻي تي مڪمل طور تي سوڳواريت جو اظهارڪري ٿو. هونئن ته سنڌ جي ڪنهن به ساڃاهه وند فرد جو لاڏاڻو هڪ وڏو نقصان هوندو آهي پر ڪامريڊ اظهر جتوئي جي لاڏاڻي جو هاڃو گهڻ رخو آهي اهو پنهنجي ذات ۾ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جي سياسي ۽ هاري جدوجهد جو وارث هو ۽ انهن چند وارثن مان هڪ هو جن پنهنجي ان عظيم ورثي کي نه رڳو سمجهيو پر ان کي اڳتي وڌائڻ واري عمل کي ”مشن“ طور انتهائي ڪاميابي سان سنڀاليو. ايئن ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جي پوٽي طور تي سائين جن پنهنجي ڏاڏي ۽ والد مظهر جتوئي جي ورثي کي ڪاميابي سان سنڀاليو جيڪو عمل انتهائي غير معمولي صلاحيت جو مظهر آهي.

سائين اظهر جتوئي جي ان شاندار ۽يادگار زندگي تي ٻڌل تاريخ جو جائزو وٺجي ٿو ته هن پنهنجي ڏاڏي ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي ۽ والد مظهر جتوئي جي نقشِ قدم تي هلندي هارين جي حقن واري جدوجهد کي 1982ع کان سنڀالڻ شروع ڪيو. سندس لاڏاڻي واري نقصان جو ٻيو حوالو سندس قومي ۽ سماجي خدمت وارو جذبو هو جيڪو هاڻي اسان سان ناهي رهيو. ڪامريڊ اظهر جتوئي 1998ع کان سنڌ هاري ڪاميٽي کي صدر طور هلائيندو رهيو پر اڄ سنڌ هاري ڪاميٽي پنهنجي ان اڳواڻ کان به محروم ٿي وئي آهي جيڪو ٽيون وڏو هاڃو آهي.ان سان گڏ ڪامريڊ اظهر جتوئي پنهنجي زندگي ۾ ڪامريڊ جتوئي جي ورثي کي سنڀالڻ وارا جيڪي به ڪم ڪيا، سندس لکيل مواد کي سهيڙي شايع ڪرايو تنهن يادگار ڪم جي بيهجي وڃڻ کي اسان چوٿون وڏو نقصان سمجهون ٿا.

اهڙي املهه ماڻهن جو وڇوڙو حقيقي معنيٰ ” ناقابل برداشت“ سمجهيو ويندو آهي. پر اهي ئي ماڻهو آهن، انهن ماڻهن جو ئي اهو ورثو آهي ته ڏک کي طاقت ۾ تبديل ڪيو وڃي. انهن ماڻهن ڏک کي طاقت ۾ تبديل ڪري ڏيکاريو به آهي ۽ اسان کي به درس ڏئي ويا آهن ته ڪامريڊ اظهر جتوئي جي لاڏاڻي واري ناقابل برداشت صدمي کي طاقت ۾ تبديل ڪيو ۽ اهو صدمو طاقت ۾ تبديل ڪرڻ جي معنيٰ اها آهي ته سندس ڏاڏي ۽ پيءُ واري ورثي  کي سندس نئون نسل اڳتي وڌائي، اهو عمل ئي حقيقي معنيٰ ۾ ڪامريڊ اظهر جتوئي جي شخصيت کي اصل خراج سمجهيو ويندو.

ڪامريڊ اظهر جتوئي جي لاڏاڻي کي بهرحال اسان تمام وڏو خال سمجهون ٿا ۽ اهڙا خال صدين ۾ ڀربا آهن پر جيئن ته پاڻ وٽ صدمن کي طاقت ۾ تبديل ڪرڻ جو رستو ڏيکاريل آهي تنهن ڪري ان واٽ تي هلڻ ڪري صدين جا اهي خال جلدي ڀرجندي محسوس ٿيندا آهن. اهڙو هڪ مثال ڪامريڊ اظهر جتوئيءَ پنهنجي عمل ۽ ڪردار سان قائم ڪري ڏيکاريو آهي. ڪامريڊ اظهر جتوئيءَ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي ۽ پنهنجي والد جي ورثي کي سنڀالڻ کي پنهنجي زندگي جو نصب العين بڻايو ۽ ان نصب العين تي ”جان جان هئي جيئري ورچي نه ويٺي“ جي مصداق هلي پنهنجي تاريخ ٺاهي ويو آهي ۽ پنهنجي تاريخ اهڙا ڪردار ئي ٺاهي سگهندا آهن. ڪامريڊ اظهر جتوئي جي قومي ۽ سماجي خدمتن جو هڪ الڳ باب آهي. ڪنهن به شخصيت جي وڏائي جو اصل معيار اهو ئي هوندو آهي ته سندس شخصيت سان سماج کي ۽ ماڻهن جي شعور کي هٿي ملي. اهڙا ڪم ڏهه هٿيارا ماڻهو ئي ڪري سگهن ٿا جيڪي گهڻ صلاحيتا هجن.

ڪامريڊ اظهر جتوئي هن دور ۾ 1998ع کان 2020ع تائين هاري ڪاميٽي کي ڪيئن هلايو تنهن تي سوچجي ٿو ته ڏندين آڱريون اچيو وڃن ٿيون. اهو سڀ سندس ثابت قدمي جو عظيم مثال آهي.  هاري ۽ مزدورن جو طبقو اسان جي سماج جو مظلوم ترين طبقو سمجهيو ويندو آهي ۽ ڪامريڊ اظهر جتوئي ان مظلوم طبقي جي حقن لاءِ سڄي ڄمار جاکوڙيندو رهيو آهي. ان مشعل کي زماني جي هوائن کان بچائي رکڻ ڪو مذاق ناهي. ان لاءِ ڪامريد اظهر کي جيڪو رت ست ڏيڻو پيو جيڪا قرباني ڏيڻي پئي تنهن جا سڀ حوالا ۽ راز سندس زندگي جي تاريخ پڙهڻ سان ملن ٿا.

اها اسان جي خوشقمتي آهي ته ڪامريڊ اظهر جتوئي پنهنجي زندگي ۾ ئي پنهنجي فرزند ثمر جتوئي کي پنهنجي جدوجهد ۾ ساڻ کنيو ۽ پنهنجي زندگي ۾ ئي کيس پنهنجي ورثي کي سنڀاليندي ڏٺو جيڪا بيحد اطمينان جي ڳالهه آهي.

ڪامريڊ ثمر کي چڱي ريت خبر آهي ته سندس خانداني ورثو ڪهڙو آهي، سندس نظريو ڪهڙو آهي، سندس نظريي جا ماڻهو ڪير آهن، سندس نظرياتي لڏو ڪهڙو آهي ۽ انهن سان ڪيئن پير کڻبو آهي. اهڙن ماڻهن جو ورثو سنڀالڻ لاءِ به ڏهه هٿيارو ٿيڻو پوندو آهي. هاڻي اهڙيون اميدون اظهر جتوئي جي لائق فرزند  ڪامريڊ ثمر جتوئي ۾ آهن ته هو پنهنجي ورثي کي رڳو خانداني ورثو نه سمجهندو پر انکي نظرياتي ورثو سمجهي سڄي ملڪ ۽ دنيا اندر پکيڙڻ واري سلسلي کي اڳتي وڌائيندو ۽ اهڙو ڪم ڪندي پنهنجي پڙڏاڏي، ڏاڏي ۽ والد وانگر پنهنجي تاريخ به ٺاهي وجهندو جيڪا تاريخ سندس ڪم سان سلهاڙيل هوندي.

اسان به پاڻ کي ڪامريڊ حيدربخش جتوئي جا وارث سمجهون ٿا ۽ ان ناتي ڪامريڊ ثمر جتوئي سان سندس والد جي لاڏاڻي تي برابر ڏک ونڊيون ٿا پر اسان کي اهو صدمو طاقت ۾ تبديل ڪرڻو آهي ۽ اهو نعرو لڳائڻو آهي ته ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي زنده باد، ڪامريڊ مظهر جتوئي زنده باد ۽ ڪامريڊ اظهر جتوئي زنده باد.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.