ڪامريڊ اظهر جتوئيءَ کي سرخ سلام

حميده گهانگرو

اسان ڪامريد اظهر جتوئي جي لاڏاڻي کي ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جي جدوجهد جي تسلسل ۾ ڏار سمجهون ٿا. ڪي خبرون ڏاڍي ڏک سان گڏ ڄڻ جيءُ جنجهوڙي ڇڏينديون آهن انهن مان هڪ خبر ڪامريڊ  اظهر جتوئي جي اوچتو وڇڙي وڃڻ جي خبر پڻ آهي.

اصل ۾ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي هاري تحريڪ جو اهو سرواڻ آهي جنهن اڌُ بٽئيءَ واري تحريڪ ۾ فعال ڪردار ادا ڪري هارين کي پنهنجا حق ڏياريا. توڻي جو ان تحريڪ کي اتساهه ڏيندڙ بهادر عورت مائي بختاور جي ڪردار کي به وساري نٿو سگهجي. پر جتي پاڪستان جي تحريڪن جي هڪ عجيب ۽ ڏکوئيندڙ روايت رهي آهي ته جلدي پارٽين ۾ علحدگيون ٿي وڃن ٿيون ۽ 70 سالن جي تاريخ ۾ ڪابه منظم پارٽي نه ٺهي سگهي آهي جنهن ۾ اها اميد رکي سگهجي ته جيڪي به ڪنهن ڪارڪن جون ڪوششون ۽ ڪاوشون ساراهڻ جوڳيون هجن ته اها پارٽي تمام گهڻو نالو پيدا ڪري عوام ۾ پنهنجون پاڙون پختيون ڪري اڳتي وڌي هجي.

ڏٺو وڃي ته مزدور ٽريڊ يونينيون به ڄڻ اين جي اوز جي ڪلهن تي هٿ رکي هلي رهيون آهن. شايد اهو ئي سبب آهي جو ملڪ جا صنعتي ادارا ويڳاڻپ جو شڪار آهن. پر تاريخ جو جائزو وٺجي ته حيدر بخش جتوئي جي هاري تحريڪ کي سندس پونيئرن ته هاري ڪميٽيءَ جي نالي کي وسارڻ نه ڏنو آهي. جڏهن ته اڄ جي سياسي پس منظر ۾ ڏسجي ته سياسي پارٽيون سياسي ورهاست کان وڌيڪ خانداني ورثي جون وارث ٿي ويون آهن. اها ڪا خراب روايت ناهي پر ڪنهن حد تائين ساراهڻ جوڳي چئي سگهجي ٿي انهيءَ جو سبب شايد اهو آهي ته انسان جي اجتماعي سوچ کان انفرادي سوچ اهم ٿي وئي آهي. پر ان انفرادي ذاتي وارثيءَ ۾ به عام ماڻهو جا ميڙاڪا حق ۽ سچ جي جدوجهد کي اڳڀرو ڪري رهيا آهن.

ڪامريڊ اظهر جتوئي پڙهيل لکيل هئو، ڪنهن ٻي فيلڊ ۾ ڪا سٺي نوڪري وٺي ڪاموري جو ڪردار ادا ڪري پئي سگهيو پر هو هارين جي پاڙن کي پاڻ کان الڳ نه ڪري سگهيو. اهو تمام گهٽ ٿيندو آهي ته گهر جي سڀني ڀاتين تي ان سوچ ۽ فڪر جا اثر هجن اها اکين ڏٺي حقيقت ڏسڻ جو موقعو مونکي ان وقت مليو جڏهن اڄ کان ڪجهه سال اڳ مان ڪامريڊ حيدربخش جتوئيءَ جي ورسي ۾ حيدرآباد ويس ۽ ڪامريڊ اظهر خاص دعوت ڏئي مونکي پنهنجي گهر مهمان ڪيو، سندس سڄي گهر جي عورتن ۽ ٻارن ۾ جذبو ۽ جستجو ڏسي لڳي پيو ته ڪامريڊ حيدربخش جتوئي واري مظلوميت جي محبت ڄڻ رت ۾ شامل هجيس جنهن جا جينس سڄي ايندڙ نسل ۾ منتقل ٿين پيا.  انهيءَ جو مثال اهو هو ته ڪامريڊ اظهر پنهنجي امڙ کي اسٽيج تي ويهاري عورتن جي سجاڳيءَ لاءِ به پيغام ڏنو.

اهو ئي سبب آهي ته مظهر جتوئيءَ کان پوءِ اظهر جتوئي ۽ هاڻي ثمير جتوئي انهيءَ علم کي هٿ ۾ جهلي ڪامريڊ جي نعري هاري حقدار کان منهن نه موڙيندو. ان ڳالهه جو پڪو ويساهه ۽ اميد آهي ته ثمير ان لاٽ کي اجهامڻ نه ڏيندو. اهو ئي ڪامريڊ اظهر جتوئي جي جدوجهد کي خراج ِ عقيدت پيش ڪرڻ آهي. ان  سان گڏ سندس وارثن مان اميد رکي سگهجي ٿي. ڇاڪاڻ جو اها ان خاندان جي روايت آهي.

اڄ ضرور  کيس سندس آخري سفر ۾ انقلابي گيتن جي گونجار سان هن دنيا مان رخصت ڪري مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو هوندو. پر اها مٽي سندس جدوجهد جي گواهي ڪيترن نسلن کي ياد ڏياريندي رهندي.ڪامريد اظهر جتوئي کي سرخ سلام.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.