ڏوڪري تعليمي ميلو

حسن پٺاڻ

ينگ ايجوڪيشنل سوسائٽي YES  پاران غلام مصطفيٰ جتوئي لائبيريري جي سهڪار سان  14-15 نومبر 2020ع تي ٻن ڏينهن وارو   تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ٿيل ”ڏوڪري تعليمي ميلو“       “Dokri Educational Festival”     علي پارڪ  ڏوڪري ۾ پنهنجي پڄاڻي تي پهتو.

”ميلي“ لفظ جي معنيٰ عوام جو مجموعو، ماڻهن جو ميڙاڪو آهي، سنڌ جي تاريخ ۾ صدين کان اهو رواج هلندو رهيو آهي ته بزرگن، اوليائن ۽ صوفين تي سال ۾ هڪ ڀيرو ماڻهن جي ميڙاڪي جو بندوبست ڪيو ويندو آهي. ٻين لفظن ۾ ائين کڻي چئجي ته ميلو لڳرايو ويندو آهي، جنهن ۾ ادبي ۽ ثقافتي پروگرامن سان گڏ، موسيقيءَ جو پرگرام ۽ راڳ رنگ جي محفل، ھار سينگار ۽ مٺائي جا دڪان، چوڏيل، سرڪس ۽ گهوڙن ۽ ڍڳن جي ڊوڙ  ۽ ملاکڙو ڪرائي ماڻهن جي تفريح جو سامان مهيا ڪيو ويندو آهي، انهيءَ سان گڏوگڏ ميلن ۾ زرعي نمائشون، چوپائي مال جون پڙيون پڻ لڳائي وينديون آهن.

اهڙي طرح وري ميلن ۾ نواڻ پڻ آئي ته سنڌ ۾ ادبي ميلو، ثقافتي ميلو، صوفي ميلو، سائنسي ميلو جي نالي سان ميلا منقعد ٿيندا رهيا آهن. انهيءَ ميلي جي تسلسل کي قائم رکندي ڏوڪري جي باشعور نوجوانن ميلي جي روايت کي لاڀائتو بڻائڻ لاءِ ڏوڪري تعليمي ميلو لڳرائي جنهن ۾ تعليمي ماهرن کان تعليم جي مختلف موضوعن تي ويهڪن ذريعي تر جي ماڻهن ۾ تعليم جي اهميت کي اجاگر ڪيو آهي.  هن تعليمي ميلي جا آرگنائزر عيسيٰ ميمڻ، لياقت ميراڻي، محمد علي ميمڻ، علي بخش پٺاڻ، نعيم انصاري، نثار جتوئي، منير سومرو ۽ سندن ساٿي هيا.

لاڙڪاڻي ضلعي جو شهر ڏوڪري سياسي، سماجي، ادبي ۽ علمي سرگرمين جي حوالي سان پنهنجي الڳ سڃاڻپ رهي ٿو، ڏوڪري ۾ علمي ۽ ادبي سرگرمين جو هڪ دور 70 جي ڏهاڪي وارو هو، جنهن جي ترجماني اسان جي تمام وڏي مصور سائين رضوان عمراڻي ۽ ڪامريڊ حيدر جويو ڪئي، جنهن ۾ شاگردن سان گڏ مزدورن لاءِ به ٻيڙين ٻانڌن جي ڀانڊن تي ڪلاس هلايا ويندا هئا، هن ٻن ڏينهن واري ميلي ۾  به ڪامريڊ حيدر جويو 80 ورهين جي عمر ۾ شاگردن ۽ نوجوانن کي همٿائڻ لاءِ پرجوش رهيو ۽ نوجوانن سان گڏ ميلي جي پڄاڻي تائين ٻانهن ٻيلي بڻيو بيٺو هو، کيس جس هجي.  ٻيو دور 80 جي ڏهاڪي ۾ موئن جو دڙو سوشل ويلفيئر طرفان شاگردن کي مفت ٽيوشن ڏيڻ وارو هو، ان ٽيوشن سينٽر تي سائين دادلو زهراڻي، لياقت ميراڻي، گلاب سومرو ۽ ٻيا شاگردن کي پڙهائيندا هئا ۽ ٽيون دور 90 جي ڏهاڪي کان شروع ٿئي ٿو جنهن کي عيسيٰٰ ميمڻ، علي بخش پٺاڻ ۽ سندن ساٿين اسوا ۽ ينگ ايجوڪيشنل سوسائٽي جي پليٽ فارم تان تعليمي سرگرمين کي جاري رکيون پيا اچن، انهن جي ڪوششن سان ڏوڪري ۾ لائبريري به قائم ٿي آهي. علي بخش پٺاڻ، عيسي ميمڻ ۽ نثار جتوئي منهنجا ننڍا ڀائر، دوستن آهن، سندن تعلق غريب گهراڻن سان آهي، سندن والدين پنهنجي ابي ڏاڏي جي ڪرت يا مزدوري ۾ پنهجو همراھ بنائڻ  بجاءِ اسڪول، ڪاليج موڪلڻ کي ترجيح ڏني، پاڻ به سندن مٿان بار بڻجڻ بجاءِ تعليمي خرچن جي پورائي لاءِ پورهيو ڪري به تعليم جاري رکي ۽ ڏکين حالتن ۾ تعليم پرائي.

ڏوڪري جي هنن نوجوانن جديد دور ۾  تعليم جي اهميت کي چڱي طرح سمجهندي هيءُ غيرروايتي ميلو منقعد ڪيو. کين هن شاندار ڪامياب تعليمي ڪرائڻ تي مبارڪون ڏجن ٿيون.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.