”صدين جي تاريخ کي ورجائڻ جو انوکو مثال“

سوائي خان ڇلگري

اسان ضلعي ٿرپارڪر کي فقط اڍائي صدين کان نه ڳڻيون، پر هن جون پاڙون قبل مسيح واري دور کان به اڳ ۾ لڀن ٿيون هيءُ خطو هاڪڙي، مهراڻ ۽ پراڻ جي واديءَ جي دامن ۾ هئو، هتي سوين شاداب شهر ۽ آباد ڳوٺ هئا، بندر بازاريون هيون، وڻج واپار جا مرڪز هئا ۽ زندگي نهايت حسن و جمال سان جلوه گر هئي.

ننگر پارڪر جي ڪارونجهر جبل مان پنج نيون يعني برساتي پاڻي جون نديون نڪرن ٿيون جيڪي ڪڇ جي رڻ ۾ پون ٿيون، انهن جا نالا گوڙڌرو، پٽياڻي، گهرٽياري، موندرو ۽ سابو سڻ آهن. مينهن جي موسم ۾ انهن ندين جو پاڻي روڪي پيئڻ خاطر ۽ زمين آبادي لائق بڻائڻ لاءِ سنڌ حڪومت هنيئر اُتي ”ڊيم“ ٺهرايو آهي.جنهن جو افتتاح تازو سنڌ جي وڏي وزير  سيد مراد علي شاهه ڪيو آهي. ڪارونجهر جي آسپاس حسين ماٿريون آهن جن ۾ ڀوڏيسر، ڪاسبو، آڌيگام، گهر ٽياري، موندرو، کاريون ۽ مڻو جي نالن سان وڏا ڳوٺ موجود آهن. تاريخ جي تناظر ۾ وڃبو ته ” پانڊوئن“ جي دور ۾ هيءُ خطو ڪشمير نظر ايندو هو.

ضلعي ٿرپارڪر جي تعلقي ننگرپارڪر کان علاوه تعلقي ڏاهلي ۾ تاريخي شهر گڊڙو رامسنگهه جيڪو شهر هڪ سئو ايڪڙ ايراضيءَ تي زرعي کاتو نمبر 112 جي داخلا موجب آهي جيڪو شهر 1965ع جي پاڪ ڀارت جنگ کانپوءِ خالي ٿي ويو هو. هن جي ڏکڻ طرف ”ناٿاڻ ترائي“ اڄ به موجود آهي ۽ منجهس ٻن سالن جيترو پاڻي ذخيرو ٿيل آهي جتان هينئر به انهيءَ ڏيڍ ڪلوميٽر ترائي مان پنج وڏن ڳوٺ جا رهواسي هڪ طرف پيئڻ لاءِ ۽ ٻئي طرف مال مويشيءَ لاءِ استعمال ڪن ٿا.جن ۾ سائر جي ڍاڻي  حڪيم جي ڍاڻي، رحمت الله جي ڍاڻي، جمال جي ڍاڻي، موسيٰ جي ڍاڻي، قابل ذڪر جوڳيون وسنديون آهن. ان سان گڏ  اڻندڪنڀار ۽ سميجا ڳوٺ آهن، اهڙي طرح ڪاٺو سونجو نهڙي جيڪو هن علائقي ۾ تقريبن 700 گهرن تي ٻڌل آهي. ايئن ڪاٺو پٺائي ڳوٺ ۾ 500 گهرن جي آبادي ۽ ڪانڪيو جتي اڪثريت سميجا برادري جي آهي 600 گهرن جي لڳ ڀڳ آبادي آهي ايئن ڳوٺ ماڏاڻي سميجا، اهو به 300 گهرن تي ٻڌل علائقو آهي. جن ڳوٺن جا رهواسي اٺن، گڏهن تي پاڻي انهيءَ ترائي مان ڀري کڻي وڃن ٿا، جتي پڻ ”ڊيم“ ٿي سگهي ٿو جنهن تي لاڳت به گهٽ ايندي. پاري ننگر ان وقت درياهه يا سمنڊ جي ڪناري تي آباد هو، انهيءَ علائقي ۾ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ڪاليداس ”ڊيم“ جو افتتاح ڄڻ صدين جي تاريخ کي ورجائڻ جو انوکو مثال قائم ڪيو آهي ۽ تازوئي ننگر پارڪر ۾ آبپاشي کاتي جي مدد سان سمال ڊيم”ڪاليداس“ جو افتتاح ڪيو. جيڪو ڪارونجهر جي پهاڙن جي وچ ۾ اولهه طرف موجود آهي ان افتتاح کانپوءِ ڊيم ڀرسان کيس سمال بابت چيف انجنيئر زاهد شيخ بريفنگ ڏني ۽ ڊيم جي اهميت ۽ فائدن تي روشني وڌي.

ٿرپارڪر ماضيءَ جي ڀيٽ ۾ هاڻ سنڌ حڪومت جي مختلف پروجيڪٽ ڏيڻ کانپوءِ سنڌ، پبلڪ جو هڪ شاهوڪار ضلعو هوندو ڇاڪاڻ ته ٿر جي معدني وسيلن جهڙو ڪارو سون، پٿر، ڪوئلو، گرينائيٽ جهڙا انمول خزانا هن خطي ۾ معاشي تبدلي آڻي رهيا آهن. ٿر مان نڪتل ڪوئلي مان ٺهندڙ بجلي گهر ملڪ ۾ وڏي ۾ وڏي انرجي بحران تي ضابطي آڻن ۾ مددگار ثابت ٿيندا. انهن معدني وسيلن ذريعي هن علائقي ۾ بختاور ايئرپورٽ جو قائم ٿيڻ، صحت ۽ تعليم جي شعبي ۾ وڏا وڏا منصوبا قائم ڪيا ويا آهن ۽ ٿر جو اهم مسئلو پيئڻ جي صاف پاڻيءَ لاءِ مختلف جاين ۾ آر او پلانٽ لڳايا ويا آهن، هينئر هڪ ننڍي وڏي ٿري ماڻهو جي زبان تي آهي ته ٿر بدلجندو پاڪستان ۽ خوشحالي ۽ اميدن جو سج اڀرندو،  جيڪو هن خطي ۽ ڏتڙيل ماڻهن جي قسمت تبديل ڪندو ۽ اهو خواب شهيد ذوالفقار علي ڀٽي، شهيد سنڌ جي راڻي محترمه بينظير ڀٽو کان ويندي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ اڳوڻي صدر جناب آصف علي زرداري جو هو جنهن پهريون ڀيرو پنجاب کان سواءِ ملڪ جي نون صوبن ۾ ننڍا ڊيم اڏڻ جا منصوبا تيار ڪيا هئا، ان جو مثال اڄ ٿر جي هن سرحدي تعلقي ننگرپارڪر ۾ سمال ڊيم جي مصنوبن تي سنڌ حڪومت خرچ ڪري ٿر کي ترقي وٺرائي رهي آهي ۽ اُميد ڪجي ٿي ته ايندڙ ڪجهه سالن ۾ ٿر جو نقشو ئي تبديل ٿي ويندو ۽ انجو سهرو پيپلز پارٽي جي اعليٰ قيادت  ڏانهن وڃي ٿو جنهن هميشه سنڌ جي ماڻهن جي مالڪي ڪئي آهي ۽ ڪندي رهندي.

سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته ننگر پارڪر ۾ ڊيمن جي اڏاوت سان نه رڳو زرعي شعبي ۾ انقلاب ايندو پر پيئڻ لاءِ صاف پاڻي پڻ فراهم ڪرڻ ۾ مدد ملندي. اهڙن خيالن جو  اظهار سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ننگرپارڪر ۾ ڪالي داس ڊيم جو افتتاح ڪندي ڪيو هن چيو ته سنڌ حڪومت ٿرپارڪر کي ترجيح ڏيندي ريڪارڊ ترقياتي ڪم ڪرايا آهن. ننگر پارڪر ۾ ڊيم جي اڏاوت سان زرعي شعبي ۾ انقلاب اچڻ سان گڏوگڏ هتان جي ماڻهن کي پيئڻ جو صاف پاڻي ملي سگهي ٿو، هن چيوته ڪالي داس ڊيم 333 ملين جي لاڳت سان تيار ڪيو ويو آهي ڊيم جي پاڻيءَ سان ننگر پارڪر شهر ۽ ڀرپاسي جي ماڻهن ۽ چوپائي مال جي پاڻي جي گهرج کي پورو ڪندو هن وقت ڊيم ۾ 13 فٽ تائين پاڻي جمع آهي، هي پاڻي سڄي سال لاءِ پيئڻ جي پاڻيءَ جي گهرج کي پورو ڪندو، هن ڊيم ۾ 1012.30 ايڪڙ فٽ پاڻي جمع ڪرڻ جي گنجائش آهي. سنڌ جي وڏي وزير وڌيڪ چيو ته ننگر پارڪر ۾ جبل 400 چورس ڪلوميٽر ۾ پکيڙيل آهي ۽ هر سال سراسري 13 انچ برسات ٿئي ٿي 13 انچ برسات پوڻ سان اٽڪل 1 لک 11 هزار ايڪڙ فٽ پاڻي ملي ٿو جيڪو 2 لک 8 هزار ايڪڙ زمين کي سيراب ڪري ٿو. وڏي وزير چيو ته پهرين هي پاڻي ضايع ٿي ويندو هو ان کي هن وقت استعمال ۾ آڻڻ لاءِ سمال ڊيم پروجيڪٽ شروع ڪيو ويو آهي هن وقت تائين 23 ڊيم مڪمل ٿي چڪا آهن  باقي 11 ڊيمن جو ڪم جولاءِ 2022ع تائين مڪمل ٿيندو. هن چيوته 23 ڊيمن جي مڪمل ٿيڻ سان هن وقت ننگر پارڪر جي 50 ڳوٺ کي پاڻي ملي رهيو آهي 42 ڊيم مڪمل ٿيڻ سان 87 ڳوٺن کي صاف پاڻي ڏنو ويندو. هن چيو ته موجوده سنڌ حڪومت ۽ پيپلز پارٽي غريب عوام سان گڏ آهي انهن جي تڪليف جي ڄاڻ رکي ٿي انهن کي حل ڪرڻ جي لاءِ وقت به وقت ڪردار ادا ڪندي رهندي. پيپلز پارٽي عوامي پارٽي آهي ۽ عوام جي طاقت تي يقين رکي ٿي ان جي لاءِ عوام کي سهوليتون فراهم ڪري رهي آهي. عوام جي اميدن تي پورو لهڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون. ان کان اڳ وڏي وزير ٿرڪول بلاڪ ون جي متاثر ڳوٺ کاريو غلام شاهه جي احتجاج ڪندڙ ڳوٺاڻن کي تمام مسئلا اوليتي بنيادن تي حل ڪرڻ جو يقين ڏياريو ۽ چيو ته ٿر ڪول ۾ نوڪرين تي پهريون حق هتان جي مقامي ماڻهن جو آهي. انهن کي اهو حق ڏنو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.